اسلام آباد – 28 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ??متاز زهره بلوچ چيو آهي ته پاڪستان ڏکڻ ايشيا جي خطي جي سمورن ملڪن سان گڏيل احترام ۽ خودمختيار برابري تي ٻڌل پرامن پاڙيسريت جي پاليسي کي جاري رکيو آهي، سريلنڪا، مالديپ، نيپال، ڀوٽان ۽ بنگلاديش سان ??لندڙ سال دوران ??اڳاپن ۾ اعليٰ سطحي مصروفيتن ۽ ڳالهه ٻولهه سان ??ثبت اڳڀرائي ڏسڻ ۾ آئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس بريفنگ ۾ ڪيو. هن چيو ته پاڪ ڀارت لاڳاپن ۾ ڪا وڏي اڳڀرائي نه ٿي، هندوتوا کان ??تاثر ڀارت جي قومپرست حڪومت ٻطرفن لاڳاپن ۾ رڪاوٽ آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان ??سلسل چيو آهي ته ٻطرفا لاڳاپا ان ??قت تائين مڪمل طو?? تي معمول تي نه ٿا اچي سگهن جيستائين حل طلب تڪرارن خاص طو?? تي ڄمون ۽ ڪشمير جو بنيادي تڪرار حل نه ٿو ٿي وڃي. هن چيو ته 1974ع جي مذهبي جاين جي دورن جي پاڪ ڀارت پروٽوڪول تحت پاڪستان ??ختلف مذهبي تهوارن ۽ موقعن ۾ شرڪت جي ل??ءِ ڀارت مان ايندڙ سک ۽ هندو ياترين کي 6824 ويزا جاري ڪيا آهن. ترجمان چيو ته پاڪستان ??لندڙ سال 486 ڀارتي قيدين کي آزاد ڪيو جن مان 380 عام شهري ۽ باقي مُهاڻا هئا. هن چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير جي ماڻهن کي دٻائڻ جي ل??ءِ پنهنجي فوجي طاقت جو استعمال ڪندو رهيو، پو??ي سال دوران ??اڪستان سمورن لاڳاپيل ٻطرفن ۽ علائقائي فورمز تي ڪشميري عوام جي ل??ءِ آواز اٿاريو، پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير جي حيثيت بابت ڀارتي سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي پڻ واضح طو?? تي رد ڪري ڇڏيو. هن چيو ته پاڪستان جي نگران ??رڏيهي وزير گڏيل قومن، او آءِ سي ۽ يورپي يونين جي قيادت کي خط لکي انهن جو ڌيان ڀارت جي غيرقانوني طو?? تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪسمير ۾ ٿيندڙ مختلف اڳڀرائي طرف ڇڪرايو جنهن ۾ ڀارتي سپريم ڪورٽ جو تازو غيرقانوني فيصلو پڻ شامل آهي. هن چيو ته اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) ڪشمير ڪاز جي مسلسل ۽ غيرواضح حمايت جو اظهار ڪري ٿي، ڄمون ۽ ڪشمير تي او آءِ سي رابطا گروپ جا ٻه اجلاس مارچ ۽ سيپٽمبر 2023ع ۾ ٿيا. ترجمان ??ڌيڪ چيو ته او آءِ سي جي سيڪريٽري جي ڄمون ۽ ڪشمير بابت خصوصي ايلچي ۽ برطانوي پارليامينٽرينز جي وفد آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو دورو ڪيو ته جيئن ته زميني صورتحال بابت معلومات حاصل ڪري سگهجي. هن چيو ته انهن دورن ڪشميري عوام جي خراب حالت ۽ ڀارتي قابض فوج جي ظلمن کي بي نقاب ڪيو آهي.