اسلام آباد – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي غز?? ۾ اسرائيل پاران جاري رتوڇاڻ ۽ ڪشمير ۾ انس??ني حقن جي خلاف ورزين تي عالمي ضمير تي سواليه نشان لڳائيندي چيو آهي ته دنيا سمورن انسانن سان هڪ جهڙو سلوڪ نه ڪري سڀ کان وڏي غلطي ڪري رهي آهي، غز?? ۾ جهڙي طرح معصوم ٻارن ۽ ماڻهن کي قتل ڪيو پيو وڃي ان جا امن تي دير تائين اثر پوندا ڇو ته مظلومن جي لاءِ اهڙي طرح جي بربريت کي وسارڻ مشڪل هوندو. هو ايوان صدر ۾ انس??ني حقن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان منعقد تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. خاتون اول بيگم ثمينه علوي، انس??ني حقن واري نگران وفاقي وزير خليل جارج، يو اي ڊي پي جي ڪنٽري هيڊ سيموئيل ريسڪ، انس??ني حقن واري وزارت جي وفاقي سيڪريٽري الهڏنو خواجه، چيئرپرسن نيشنل ڪميشن فار هيومن رائيٽس پاڪستان رابعه آغا کانسواءِ مختلف ملڪن جي سفارتڪارن، آءِ آءِ اين جي اوز جي نمائندن تقريب ۾ شرڪت ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان هڪ اسرندڙ ملڪ هجڻ جي ناطي انس??ني حقن جي حو??لي سان تقرقي ڪري رهيو آهي پر انسانيت اڃا به طاقتور ملڪن پاران فلسطين ۽ ڪشمير ۾ انس??ني حقن جو احترام ڪرڻ جي منتظر آهي جتي هزارين ماڻهن کي قتل ڪيو ويو جن ۾ عورتن ۽ ٻارن جو نمايان انگ آهي. صدر زور ڏنو ته دنيا ۾ اهڙو ماحول هجي جتي جنگين جي ڪا گنجائش نه هجي ۽ انسان دوستي زاتي مفادن تي غالب هجي. هن چيو ته گڏيل قومن کي مهذب جنگين جي بيانيي کي فروغ ڏيڻ بدران دنيا ۾ جنگ نه ٿيڻ جي هدف کي اڳتي وڌائڻ گهرجي. هن چيو ته انسان دوستي کي عالمي معاملن ۾ طاقتور قومن جي خودغرضاڻي جوازن تي ٻڌل جنگين جو سبب بڻجندڙ ذاتي مفادن جي مقابلي ۾ سگهه نه ٿي ملي سگهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان هڪ بهترين قانونساز ملڪ آهي جنهن ۾ انس??ني حقن جي حو??لي سان آئين ۽ انس??ني حقن جي پڌرنامي جي حمايت حاصل آهي. هن قانوني انصاف، مالي برابري، بااختيار بڻائڻ ۽ عورتن کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ سان گڏوگڏ مختلف طريقن سان يقيني بڻائڻ جي عزم تي زور ڏنو. هن انس??ني حقن جي نگران وفاقي وزير خليل جارج، انس??ني حقن بابت قومي ڪميشن جي چيئرپرسن رابعه جويريا آغا جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان جي ادارن قانونسازي ۽ انس??ني حقن جي حو??لي سان روين ۾ تبديلي جي حو??لي سان ذڪر جوڳي اڳڀرائي ڪئي آهي. هن شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته انس??ني حقن جي ڪنهن به خلاف ورزي جي صورت ۾ پاڪستان جو رياستي ۽ عدالتي نظام انس??ني حقن جي خلاف ورزي جي ذميوارن جي خلاف فوري ڪارروائي ڪري ٿو ۽ عوام به انس??ني حقن جي خلاف ورزي جي ڪاررواين جي حو??لا شڪني ڪري ٿي. هن چيو ته دنيا بي پناهه ترقي ڏٺي آهي پر اها معاشي فرق کي ختم ڪرڻ ۾ ناڪام رهي. هن چيو ته ڪو به مذهب طبقاتي، عقيدي ۽ رنگ جي بنياد تي فرق جي اجازت نه ٿو ڏي پر اهو اڃا تائين دنيا کي درپيش چئلينج آهي. انس??ني حقن واري نگران وفاقي وزير خليل جارج چيو ته پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ هر طرح جو ڏينهن ملهايو وڃي ٿو جيڪڏهن ان ۾ ڪا گهٽتائي آهي اهو پاڙيسرين جو ڏينهن ملهائڻ جي گهٽتائي آهي. هن چيو ته پاڪستان انس??ني حقن ۽ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. پاڪستان ۾ سموريون اقليت مذهبي عبادتون ۽ تهوار آزادي سان ملهائي رهيا آهن. هن چيو ته انس??ني حقن جي حو??لي سان جڙانوالا جهڙن واقعن تي حڪومت نه رڳو مذمت ڪئي پر ذميوارن کي ڪٽهڙي ۾ آندو ان جي ابتڙ اسان جي پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ مسيحي ٻارڙين کي اگهاڙو ڪيو ويو ۽ رياست جي سرپرستي ۾ انهن کي پوري شهر ۾ گهمايو ويو. انس??ني حقن واري وزارت جي وفاقي سيڪريٽري اي ڊي خواجه شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته انس??ني حقن واري وزارت پاڪستان ۾ سمورن شهرين بشمول اقليتن جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. انس??ني حقن جي حو??لي سان پاڪستان قومي ۽ عالمي ذميواريون بهتر طريقي سان سرانجام ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته هن وقت ملڪ گير سطح تي نيشنل ڪميشن فار هيومن رائيٽس، نيشنل ڪميشن رائيٽس آف وومين، ??يشنل ڪميشن آن دي اسٽيٽس آف وومين فعال ڪردار ڪري رهيو آهي جڏهن ته نيشنل ڪميشن فار منيارٽي رائيٽس قائم ڪرڻ تي ڪم تيزي سان جاري آهي. هن ٻڌايو ته حڪومت ليگل اينڊ جسٽس اٿارٽي قائم ڪئي آهي جنهن جو مقصد معاشري جي غريب ۽ ڪمزور طبقن کي مفت قانوني مدد ڏيڻ آهي. يو اين ڊي پي جي ڪنٽري هيڊ سيموئيل ريسڪ چيو ته يو اين ڊي پي انس??ني حقن واري وزارت سان گڏجي گڏيل قومن جي انس??ني حقن بابت قراردادن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي رهيو آهي. هن چيو ته انس??ني حقن جو عالمي ڏينهن گڏيل قومن پاران عالمي سطح تي انس??ني وقار برقرار رکڻ ۽ ماڻهن ۾ انسانن جي حقن جي حو??لي سان شعور اجاگر ڪرڻ جي لاءِ هر سال 10 ڊسمبر تي ملهايو وڃي ٿو جنهن جو مقصد انسانن جي حقن کي رنگ ۽ نسل، مذهب ۽ زبان جي فرق کانسواءِ تسليم ڪرڻ، انس??ني حقن جي پائمالي جي روڪٿام، عوام ۾ ذميواري جو احساس پيدا ڪرڻ ۽ خاص طور تي عورتن ۽ ٻارن کي انهن جي حقن بابت آگاهي فراهم ڪرڻ آهي. نيشنل ڪميشن فار هيومن رائيٽس پاڪستان جي چيئرپرسن رابعه آغا چيو ته محدود وسيلن جي باوجود ڪميشن 3400 شڪايتن تي ڪارروائي ڪئي ۽ عورتن بابت ايشوز تي 12 رپورٽون جاري ڪيون آهن. هن چيو ته عورتن جي حقن جي لاءِ حڪومت، لاڳاپيل ادارن، اين جي اوز سميت سمورين لاڳاپيل ڌرين جي گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. تقريب دوران انس??ني حقن واري وزارت پاران ملڪ ۾ انس??ني حقن جي لاءِ کنيل قدمن، ??انونسازي ۾ مدد سميت ٻين قدمن بابت دستاويزي فلم ڏيکاري وئي. تقريب جي شروعات تي ڊائريڪٽوريٽ آف اسپيشل ايجوڪيشن جي خصوصي ٻارن قومي ترانو پيش ڪيو. تقريب ۾ پي اين سي اي جي جوانن بلهي شاهه جي ڪلام تي پرفارمنس پڻ پيش ڪئي.