ڪوئيٽا – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني ??عاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي جمعي ڏينهن ڊائريڪٽوريٽ آف پبلڪ ريليشنز (ڊي جي پي آر) بلوچستان جو دورو ڪيو. اطلاعات واري نگران صوبائي وزير جان اچڪزئي، اطلاعات واري سيڪريٽري عمران خان ۽ ڊائريڪٽر جنرل پبلڪ ريليشنز محمد نور کيتران آف??سرن سان گڏ اطلاعات ۽ پارلياماني ??عاملن واري نگران وفاقي وزير جو استقبال ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ پارلياماني ??عاملن واري نگران وفاقي وزير ڊي جي پي آر انفارميشن سيل سميت مختلف شعبن جو جائزو ورتو ۽ حڪومتي پاليسين ۽ فلاحي قدمن کي ميڊيا ۾ اجاگر ڪرڻ جي ل??ءِ ڊائريڪٽوريٽ جي اهم ڪردار کي ساراهيو. اطلاعات ۽ پارلياماني ??عاملن واري نگران وفاقي وزير ڊي جي پي آر بلوچستان کي هر ممڪن تعاون جو يقين ڏياريو. اطلاعات واري نگران صوبائي وزير جان اچڪزئي، اطلاعات واري سيڪريٽري عمران خان ۽ ڊي جي پي آر بلوچستان محمد نور کيتران اطلاعات ۽ پارلياماني ??عاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي کي شيلڊز پڻ پيش ڪيون.