اسلام آباد – 17 – نومبر (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه علوي اسپتالن، غيرسرڪاري تنظيمن ۽ سول سوسائٽي تي زور ڏنو آهي ته اهي ميڊيڪل جي نظام ۾ اسڪريننگ جي بهتر سهولتن تي ڪم ڪن ته جيئن عورتن ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي شروعاتي م??حلن ۾ خبر پئجي سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي تقريب کي ??طاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ميموگرام ۽ الٽراسائونڊ جي ذريعي جلد تشخيص سان مريضن جي موت جي شرح ۾ 98 سيڪڙو تائين گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي. ناليواري انٽرنيشنل اسپتال پاران نيشنل پريس ڪلب جي تعاون سان منعقد تقريب ۾ ڇاتي جي ڪينسر جي خلاف ڊگهي م??ي ۽ وسيع پئماني تي مهم جي اهميت کي ??جاگر ڪيو ويو ته جيئن ملڪ ۾ هر سال عورتن جي 40 هزار موت جي ڳڻتي جوڳي حد تائين جي انگ ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي. بيگم ثمينه علوي ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته ايوان صدر جي پليٽ فارم تان ان جي م??لسل مهم سان پهرين ۽ ٻئي م??حلي ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي ڪيسز جي رپورٽنگ کي وڌائڻ ۾ مدد ملي آهي. هن چيو ته جلد تشخيص سان ملڪ ۾ هزارين عورتن جون زندگيون بچائي سگهجن ٿيون. هن چيو ته ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي مهم جي هڪ حصي طور پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشن اٿارٽي (پي ٽي اي) سيلولر سروسز جي ذريعي اردو زبان ۾ 140 ملين ٽيڪسٽ ميسجز ۽ رنگ ٽونز موڪليا. هن چيو ته جاري ڪيل پيغامن ۾ عام ماڻهن جي لاءِ ڇاتي جي ڪينسر، ان جي علامتن، پاڻ معائنو ڪرڻ ۽ وقت سر علاج بابت معلومات شامل هئي. هن عورتن تي زور ڏنو ته اهي م??هوار بنيادن تي 5 منٽ پاڻ معائنو ڪرڻ جي م??ق ڪ?? ۽ ??نهن به غيرمعمولي صورتحال جو پتو لڳائڻ جي لاءِ فوري طور تي طبي م??ورو وٺن. خاتون اول ناليواري انٽرنيشنل اسپتال پاران ڇاتيءَ جي ڪينسر جي تشخيص جي لاءِ 31 ڊسمبر تائين رعايتي ميموگرامز ۽ الٽراسائونڊز جي اسڪريننگ جي سهولت جي آڇ کي ??اراهيو ۽ چيو ته ٻين اسپتالن کي ??ه ان جي پيروي ڪرڻ گهرجي. هن قومي ۽ مقامي ميڊيا تي پڻ زور ڏنو ته اهي سڄو سال مستقل بنيادن تي پنهنجي پرگرامن جي ذريعي ان موذي بيماري کي ??جاگر ڪندا رهن. ناليواري انٽرنيشنل اسپتال جي سي اي او هارون نصير چيو ته خاتون اول جي سرپرستي ۾ آگاهي مهم جي نتيجي ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي م??يضن جي رپورٽ ٿيندڙ ڪيسز جي انگ ۾ اضافو ٿيو، اهڙي طرح موت جي شرح ۾ گهٽتائي آئي. هن پنهنجي اسپتال ۾ اسڪريننگ جي سهولت جي ذريعي ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي پروگرام جي حمايت جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. نيشنل پريس ڪلب جي فنانس سيڪريٽري نيئر علي چيو ته صحافتي برادري ٽيليويزن پروگرامن ۽ مضمونن جي ذريعي ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت شعور اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ان موقعي تي هڪ پينل ڊسڪشن منعقد ڪيو و??و جنهن ۾ آنڪولوجي، ريڊيالوجي ۽ گائناڪالوجي جي شعبن جي ڊاڪٽرن جلد اسڪريننگ جي اهميت بابت ٻڌايو. طبي م??هرن عورتن جي لاءِ مناسب رهنمائي تي زور ڏنو ته اهي پنهنجو پاڻ معائنو ڪري طبي م??وري جي لاءِ ڪيئن رجوع ڪري سگهن ٿيون. پينل 40 سال کان وڌيڪ عمر جي عورتن جي لاءِ اسڪريننگ ۽ ميموگرام جي پڻ سفارش ڪئي.