اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ عورتن جي ما??ياتي شموليت کي وڌائڻ جي لاءِ آسان موبائيل اڪائونٽ (اي ايم اي) اسڪيم جي پاڪستان جي نمايان ??اميابي کي ا??اگر ڪندي چيو آهي ته ڪيترائي ا??رندڙ ملڪ اسلامي ترقياتي بئنڪ، ايشيائي ترقياتي بئنڪ، اي آءِ آئي بي، يو اين ڊي پي جهڙين عالمي تنظيمن جي ذريعي سڌوسنئون اسان سان رابطي ۾ آهن، اسان انهن جي مدد سان پاڪستان جي ان منفرد ڪاميابي کي دنيا ۾ ڪٿي به پٺتي پيل ۽ محروم عورتن جي لاءِ ورجائڻ جي لاءِ تيار آهيون. هن اهڙن خيالن جو اظهار ”پاڪستان ۾ ما??ياتي شموليت جي فرق کي ختم ڪرڻ“ جي موضوع تي هڪ ورچوئل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان تقريب جو اهتمام ورلڊ اڪنامڪ فورم جي ايڊيسن الائنس ۽ ورچوئل ريميٽنس گيٽ وي ڪيو هو. نگران وزيراعظم چيو ته حڪومت جي سربراهه جي حيثيت سان سندس بنيادي مقصد پليٽ فارم جي ذريعي غريبن کي اميد ڏيارڻ آهي. هن ورلڊ بئنڪ جي ان ما??ياتي شموليت ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي منصوبي تي پاڪستان جي آسان موبائيل اڪائونٽ (اي ايم اي) اسڪيم جي شاندار ڪاميابي کي تسليم ڪرڻ تي ورلڊ اڪنامڪ فورم جي ايڊيسن الائنس ۽ ان جي سربراهه ڪلاڊ ڊائر جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته قومي ما??ياتي شموليت جي حڪمت عملي تحت اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۽ پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشن اٿارٽي (پي ٽي اي) مختلف برانچ ليس بئنڪنگ فراهم ڪندڙن، بئنڪن ۽ ٽيلي ڪام آپريٽرز سان تعاون ڪيو ته جيئن پاڪستان ۾ بئنڪن کان محروم ۽ گهٽ بئنڪ واري آبادي جي لاءِ ٿرڊ پارٽي پرووائيڊر سروسز متعارف ڪرائي سگهجن. ان اسڪيم جو نعرو ”بئنڪنگ دي ان بينڪڊ“ رکيو ويو، ان اسڪيم جي شروعات کان اڳ 80 سيڪڙو آبادي بئنڪ کان محروم هئي جڏهن ته ڊسمبر 2021ع ۾ سافٽ لانچ کانپوءِ ان شرح ۾ 10 سيڪڙو بهتري آئي آهي. بدقسمتي سان 30 سيڪڙو ما?? رڳو 18 سيڪڙو جا بئنڪ اڪائونٽس آهن، مجموعي بئنڪنگ آبادي جو 5 سيڪڙو کان به گهٽ عورتون آهن. آسان موبائيل اڪائونٽ ۾ 38 سيڪڙو عورتن جا اڪائونٽس آهن. هن چيو ته صحيح قومي سڃاڻپ ڪارڊ رکندڙ ڪوبه پاڪستاني ڪنهن به آسان موبائيل اڪائونٽ ۾ حصو وٺندڙ ڪنهن بئنڪ ۾ سمارٽ يا فيچر فون جي ذريعي ٻن منٽن کان به گهٽ وقت ۾ بنا ڪنهن پريشاني جي ڊيجيٽل طور تي ڪٿي به بئنڪ اڪائونٽ کولي سگهي ٿو. ان ??انپوءِ اڪائونٽ هولڊر انٽرنيٽ ڪنيڪٽيويٽي جي ضرورت کانسواءِ ڏيتي ليتي ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته اڳ کان ئي 8.5 ملين کان وڌيڪ پاڪستانين وٽ انٽرنيٽ جي سهولت موجود نه آهي جن جا بئنڪ اڪائونٽس آهن ۽ اهو انگ روزانو 4000 – 5000 تائين وڌي رهيو آهي. هن چيو ته منهنجو مڃڻ آهي ته پاڪست??ن 2030ع تائين ايڊيسن ايلين جي هڪ بلين لائيف چئلينج ۾ بئنڪ اڪائونٽس کولڻ ۾ سڀ کان اڳتي هوندو. پليٽ فارم جو پهريون ڪم بنا ڪنهن پريشاني جي بئنڪ اڪائونٽس کولڻ آهي ۽ ٻيو ”گهڻي کان وڌيڪ“ جي لاءِ آهي. سماجي ڀلائي ۽ ريليف پروگرامن ۾ حڪومتي ۽ واپاري تنظيمن جي مدد ڪرڻ جي لاءِ ماڊل، مائيڪرو ۽ نينو ٻنهي قرضن سان گڏ??گڏ عوام کي ڊيجيٽل انشورنس فراهم ڪرڻ پڻ شامل آهي. پاڪستان جي بئنڪنگ سيڪٽر جي جديد خدمتن تي روشني وجهندي هن چيو ته قانوني ما??ياتي چينلز جي ذريعي قوم جي ڏيتي ليتي سان شفاف ۽ تيز رفتار طريقي سان ??هر موڪلي ويندڙ مٽاسٽا جو ناڻو خاص اهميت رکندڙ آهي. اي ايم اي پليٽ فارم ڪيترين ئي بئنڪن سان هڪ پائليٽ پراجيڪٽ هلائي رهيو آهي جتي وصول ڪندڙ کي سڌوسنئون ٻاهرئين ملڪ ڊونر کان فنڊ ملي ٿو جنهن کي ا??ٽيٽ بئنڪ جي پي ٽي اي جي ا??تراعي ”ايجنٽ انٽر آپريبلٽي“ جي طريقيڪار تي سڌوسنئون شريڪ بئنڪن مان ??نهن هڪ ۾ ڪيش ڪري سگهجي ٿو. اي ايم اي ا??ڪي کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جو هڪ ”روشن مثال“ قرار ڏيندي هن ان شاندار ڪاميابي تي عالمي اقتصادي فورم جي ڊگهي مدي واري ميمبر پاٿ فائندر گروپ جي ميمبر وي آر جي کي مبارڪباد ڏني. تقريب کي ناڻي واري نگران وفاقي وزير شمشاد اختر ۽ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۽ پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشن اٿارٽي جي نمائندن پڻ خطاب ڪيو. ڊاڪٽر امجد ثاقب بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جيڪو دنيا جو سڀ کان ??امياب سماجي ڀلائي جي ا??ڪيمن ما?? هڪ آهي کانسواءِ اهو به ٻڌايو ته ڪهڙي طرح بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۽ آسان موبائيل اڪائونٽ گڏجي ڪم ڪرڻ وڃي رهيا آهن ته جيئن محروم ماڻهن تائين ما??ياتي شموليت کي وڌائي سگهجي.