تاشقند – 08 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي سيڪري??ري جنر?? خسرو نوزيري ملاقات ڪئي. وزيراعظم آ??يس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ازبڪستان جي شهر تاشقند ۾ 16 هين اي سي او سربراهي اجلاس جي موقعي تي اي سي او جي سيڪري??ري جنر?? خسرو نوزيري سان ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن واپار، رابطي ۽ اقتصادي تعاون جي شعبن ۾ تنظيم جي تازي اڳڀرائي جو جائزو ورتو. ملاقات ۾ ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۽ وچ اوڀر جي صورتحال پڻ بحث هيٺ آئي. سيڪري??ري جنرل اي سي او جي لاءِ پاڪستان جي ڀرپور حمايت تي نگران وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ خطي ۾ واپار ۽ رابطن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اي سي او سيڪريٽريٽ جي عزم جو يقين ڏياريو.