پشاور – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ هنگو دهشتگرد حم??ي ۾ دهشتگردن جو بهادري سان مقابلو ڪندڙ خيبرپختونخواهه پوليس جي سپاهي عمر سعيد کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته اسان جي پوليس ملڪ دش??ن عنصرن جي ڪڌي ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ هر وقت تيار آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم هنگو حم??ي دوران فائرنگ جو مقابلو ڪندڙ صوابي سان تعلق رکندڙ جوان کي بهادري تي شاباس ڏني. نگران وزيراعظم حوصلا افز??ئي طور عمر سعيد کي 5 لک جو انعام پڻ ڏنو. هن چيو ته عمر سعيد جهڙا بهادر جوان اسان جي قوم جي هڪ مضبوط ديوار وانگر حفاظت ڪري رهيا آهن. نگران وزيراعظم چيو ته اسان جي پوليس ملڪ دش??ن عنصرن جي ڪڌي ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ هر وقت تيار آهي، اسان جي پوليس مشڪل ترين حالتن ۾ به هر موقعي تي ملڪ دش??ن عنصرن جي خلاف شيهي جي ديوار جو ڪم ڪيو.