روالپنڊي-06 آڪٽوبر(اي پي پي)پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ ٻيا سرڪاري کاتا غير قانوني سرگرمين خ??اف ڪاررواين کي پوري طاقت سان جاري رکندا ته جيئن وسيلن جي چوري ۽ انهن سرگرمين سبب ملڪ کي ٿيندڙ معاشي نقصانن کي روڪي سگهجي. آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف ڪراچيءَ جو دؤرو ۽ نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر سان صوبائي ايپڪس ڪ??يٽيءَ جي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. اپيڪس ڪ??يٽيءَ جي اجلاس دوران نظرثاني ٿيل ني??نل ايڪشن پلان، سنڌ جي ڪچي علائقي ۾ آپريشن، سي پي اي سي/نان سي پي اي سي/پرائيويٽ پراجيڪٽس تي ڪم ڪندڙ پر??يه?? شهرين جي سيڪيورٽي، غير قانوني پر??يه??ن جي وطن واپسي، غير ملڪي ڪرنسيءَ کي ريگولرائز ڪرڻ جي قدمن، ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان، سنڌ ۾ ايس آءِ ايف سي جي قدمن تي اڳڀرائي ۽ گرين سنڌ جي قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. آرمي چيف تاريخي قدمن جي فائدي لاءِ سمورن لاڳاپيل کاتن وچ ۾ هم آهنگي جي ضرورتن تي زور ڏنو. شرڪت ڪندڙن ان ڳالهه کي ورجايو ته رياستي ادارا، سرڪاري کاتا ۽ عوام صوبي جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ متحد آهن. ان کان اڳ آرمي چيف جي آمد تي ڪور ڪمانڊر ڪراچي سندس استقبال ڪيو.