اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي پليٽ فارم تان آءِ ٽي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي فروغ جا سمورا هدف پورا ڪيا ويندا، سمورين يونيورسٽين ۾ آءِ ٽي جي حوالي سان ع??لم?? معيار جي تعليم ۽ هنر جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو، حڪومت مقامي سطح تي تيار بائي ٽيڪ مصنوعات خاص طور تي سمارٽ فونز جي فروغ جي ل??ءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام شعبي جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر عمر سيف، نگران وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ نگران وزيراعظم کي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام شعبي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي پاڪستان جي آءِ ٽي شعبي جي ترقي جي ل??ءِ وزارت جي قدمن ۽ ملڪي آءِ ٽي روانگي واپار وڌائڻ جي ل??ءِ حڪمت عملي پيش ڪئي وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته آءِ ٽي واري وزارت وفاقي سطح تي سمورين سرڪاري خدمتن کي ڊيجيٽلائيز ڪري انهن کي هڪ ڇٽيءَ جي هيٺ اڻڻ جي ل??ءِ قدم کڻي رهي آهي، ان قدم سان حڪومت کي ٽيڪسجي وصولي جي نظام کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي ۽ ٽيڪس چوري جي بهتر نشاندهي ٿي سگهندي. ان کانسو??ءِ پاڪستان جي معيشت جي مڪمل ڊيجيٽلائيزيشن جو هدف پڻ حاصل ڪيو ويندو. اجلاس کي ملڪي آءِ ٽي صنعت جي ترقي جي ل??ءِ وزارت جي قدمن بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سڄي ملڪ ۾ يونيورسٽين ۽ آءِ ٽي ماهرن جي تعاون سان ان شعبي جي تعليم پرائيندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي ل??ءِ ع??لم?? معيار جي آءِ ٽي تربيت حاصل ڪرڻ لازمي قرار ڏني ويندي، ان قدم سان وڌيڪ 2 لک هنرمند ماڻهن جو آءِ ٽي صنعت ۾ اضافو ممڪن ٿي سگهن??و جنهن سان ان شعبي جي روانگي واپار ۾ 5 ارب ڊالر تائين جو اضافو ممڪن ٿيندو. فري لانسرز جي حوالي سان وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته وزارت فري لانسرز جي تربيت، انهن جي سهولتن ۽ ٻاهرئين ملڪ مان رقم جي وصولي ل??ءِ ٺوس قدم کڻي رهي آهي، انهن قدمن ۾ ورڪنگ اسپيس جي فراهمي ل??ءِ نجي شعبي کي وياج کانسو??ءِ قرض ع??لم?? سطح تي مڃيل رقم وصولي جي سروس فراهم ڪندڙن تائين فري لانسرز جي پهچ ۽ تيز رفتار انٽرنيٽ جي فراهمي شامل آهي. انهن قدمن جي لاڳو ٿيڻ کانپوءِ ان شعبي جي روانگي واپار ۾ وڌيڪ 3 ارب ڊالر جو اضافو ممڪن ٿي سگهندو. حڪومت آئي اسٽارٽ اپس جي ل??ءِ قدمن تائين آسان پهچ ۽ سيڙپڪاري جي ل??ءِ به قدم کڻي رهي آهي، جنهن سان ايندڙ 6 مهينن ۾ هڪ ارب ڊالر جي ٻاهرئين سيڙپڪاري متوقع آهي. اجلاس کي پاڪستان ۾ هائي اسپيڊ انٽرنيٽ جي فراهمي، فائيو جي سروس ۽ ٽيلي ڪام شعبي جي سڌارن جي حڪمت عملي پڻ شامل ڪئي وئي. نگران وزيراعظم انهن سمورن قدمن جي پذيرائي ڪئي ۽ خاطري ڪرائي ته حڪومت پنهنجي مختصر آئيني مدي ۾ انهن سمورن شعبن تي خصوصي عملدرآمد يقيني بڻائيندي جنهن سان معيشت جي بهتري سان گڏوگڏ ان شعبي ۾ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ ملڪ جي ل??ءِ قيمتي پرڏيهي ناڻو ڪمائي سگهبو. هن هدايت ڪئي ته ملڪ جو آءِ ٽي روانگي واپار وڌائڻ جي ل??ءِ هڪ ٺوس حڪمت عملي پيش ڪن. هن چيو ته آءِ ٽي شعبي جي ترقي جي ل??ءِ هر قسم جون سهولتون فراهم ڪنداسين. خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسلس جي پليٽ فارم تان آءِ ٽي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي فروغ جا سمورا هدف پورا ڪيا ويندا. سڄي ملڪ ۾ سمورين سرڪاري خدمتن جي ڊيجيٽلائيزيشن ڪئي ويندي. هن چيو ته حڪومت فري لانسرز کي درپيش سمورن مسئلن جو پائيدار حل فراهم ڪندي. سمورين يونيورسٽين ۾ آءِ ٽي جي حوالي سان ع??لم?? معيار جي تعليم ۽ هنر جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو. حڪومت مقامي سطح تي تيار بائي ٽيڪ مصنوعات خاص طور تي سمارٽ فونز جي فروغ ل??ءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻندي.