ڪراچي – 28 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ جي بئنڪاري ادارن تي زور ڏنو آهي ته اهي عورتن جي مالي شموليت کي وڌيڪ وڌائڻ سان گڏوگڏ بئنڪنگ ??يڪٽر ۾ صنفي برابري کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻن، بئنڪنگ ??يڪٽر کي عورتن ۽ خصوصي ماڻهن کي آسان ۽ پهچ جوڳي مالي خدمتن جي فراهمي کانسواءِ روزگار جا وڌيڪ موقعا ۽ فنانسنگ ??ي سهولت فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن کي نوڪرين دوران تربيت فرهام ڪرڻ تي پڻ ڌيان ڏيڻ گهرجي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار گورنر هائوس سنڌ ۾ مختلف بئنڪن جي نمائندن سان منعقد اجلاس جي صدارت ڪندي ڪ??و. اجلاس ۾ عورتن ۽ خصوصي ماڻهن جي مالياتي شموليت جي قدمن تي اڳڀرائي سان گڏوگڏ روزگار ۽ مالياتي موقعن کي يقيني بڻائڻ جي قدمن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. جائزه اجلاس ۾ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي سينيئر عملدارن ۽ مختلف ڪمرشل بئنڪن جي چي?? ايگزيڪيوٽو آفيسرز شرڪت ڪئي. اقتصادي سرگرمين ۾ عورتن جي بامعنيٰ شرڪت کي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ لازمي قرار ڏيندي صدر چي?? ته اهو ڏسڻ حوصلي جوڳو آهي ته عورت کاتيدارن ۽ بئنڪنگ ??يڪٽر جي نوڪرين ۾ انهن جي حصي ۾ گذريل سالن ۾ اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي. هن وڌيڪ چي?? ته صنفي برابري کي فر??غ ڏيڻ ۽ بئنڪنگ ??يڪٽر ۽ ٻين معاشي سرگرمين ۾ عورتن ۽ معذور ماڻهن جي شموليت جي لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. صدر چي?? ته بئنڪنگ ??يڪٽر ۾ خصوصي ماڻهن جي لاءِ نوڪريون تيار ڪري سگهجن ٿيون ۽ بئنڪ اڪائونٽس کولڻ جي عمل کي وڌيڪ آسان بڻائڻ گهرجي. صدر سڄي دنيا ۾ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجيز جي تيز رفتار ترقي جو ذڪر ڪندي چي?? ته پاڪستان ۾ بئنڪنگ ??نڊسٽري کي جديد ترين آءِ ٽي ٽولز کي استعمال ۾ آڻيندي تبديل ٿيندڙ حالتن موجب هلڻو پوندو. هن بئنڪنگ فراڊ جي وڌندڙ واقعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ بئنڪن جي حفاظتي طريقيڪار کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن بئنڪنگ ??ارفين جي مفادن جو موثر تحفظ ڪري سگهجي. صدر بئنڪن کي چي?? ته اهي پنهنجي صارفين کي پيش ڪئي ويندڙ مختلف سهولتن ۽ مالياتي مصنوعات بابت بيداري پيدا ڪن ۽ گڏ ئي انهن جي بئنڪنگ مسئلن کي تيزي سان حل ڪن. اسٽيٽ بئنڪ جي عهديدارن ۽ ڪمرشل بئنڪنگ ??ي سربراهن صدر کي ٻڌايو ته برانچ ليس بئنڪنگ، اڪائونٽ کولڻ جي عمل کي آسان بڻائڻ، خاص طور تي عورتن ۽ خصوصي ماڻهن جي لاءِ بئنڪنگ ۾ نوڪريون ۽ برابري تي بئنڪنگ ??هڙن قدمن جي نتيجي ۾ عورت اڪائونٽس هولڊرز جي تناسب ۾ اضافو ٿيو آهي. ان موقعي تي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته بئنڪنگ ??يڪٽر ۾ معذوري جي 2 سيڪڙو ڪوٽا کي پڻ يقيني بڻايو پيو وڃي.