اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پ?? پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين دوستي جي بي مثال رشتن ۾ ڳنڍيل آهن، چين ۽ پاڪستان سدابهار دوست ۽ مضبوط ڀائر آهن، پاڪ چين دوستي برقرار رهندي ۽ ان ۾ ڪا رڪاوٽ برداشت نه ڪئي ويندي، پاڪستان گڏيل ترقي ۽ خوشحالي جي حوالي سان صدر شڊي جن پنگ جي نظريي ۽ تصورن سان گڏ بيٺل آهي، سي پ??ڪ تحت پاڪستان ۾ بجلي، رستن جي انفراسٽرڪچر، ??ن بجلي ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ سميت مختلف شعبن ۾ 25 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي سيڙپڪاري ٿي آهي. چين جي نائب وزير هي لي فينگ جي سربراهي ۾ چين جي اعليٰ سطحي وفد جي پاڪستان جي دوري جي موقعي تي وزيراعظم هائوس ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مفاهمت جي 6 دستاويزن ۽ ياداشتن تي صحيحن واري تقريب جي موقعي تي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيني وفد جي ڀرپور آجيان ڪندي چيو ته سي پ??ڪ جا 10 سال مڪمل ٿيڻ تي چين جي اعليٰ سطح جي وفد جي پاڪستان جي دوري تي هو چين جي قيادت جا ٿورائتا آهن. وزيراعظم ??يو ته اڄ کان 10 سال اڳ ان وقت جي وزيراعظم محمد نواز شريف ۽ چين جي صدر شي جن پنگ سي پ??ڪ تي صح??حو?? ڪيون هيون ته معاهدي تي صحيحن جي مَس خشڪ ٿيڻ کان اڳ ئي عملدرآمد شروع ٿيو. وزيراعظم ??يو ته سي پ??ڪ تحت پاڪستان ۾ بجلي، رستن جي ڍانچي، ??ن بجلي ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ سميت مختلف شعبن ۾ 25 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي سيڙپڪاري ٿي آهي. اڄ معاهدن ۽ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحن کانپوءِ اسان سي پ??ڪ جي ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿيا آهيون جنهن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ نئين ماڊل تحت اقتصادي تعاون کي وڌيڪ فروغ ملندو. وزيراعظم ??يو ته ٻئي مرحلي ۾ بزنس ٽو بزنس حڪمت عملي تحت زراعت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪئي ويندي. پاڪستان چين جي معاونت سان چيني معيار موجب روانگي واپار کي يقيني بڻائيندو. وزيراعظم ??يو ته هو چين جي صدر شي جن پنگ جو ٿورائتو آهي ته هن پاڪستان سان عوامي رابطن جي فروغ لاءِ نائب وزيراعظم ??ي خصوصي ايلچي طور پاڪستان موڪليو آهي. چيني صدر دنيا کي ڏيکاريو آهي ته پاڪستان ۽ چين دوستي جي بي مثال رشتن ۾ ڳنڍيل آهن. چين ۽ پاڪستان سدابهار دوست ۽ مضبوط ڀائر آهن. پاڪ چين دوستي برقرار رهندي ۽ ان ۾ ڪا رڪاوٽ برداشت نه ڪئي ويندي. هن چيو ته پاڪستان گڏيل ترقي ۽ خوشحالي جي حوالي سان صدر شي جن پنگ جي نظريي ۽ تصورن سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته ايم ايل ون ۽ ڪراچي سرڪلر ريلوي اهم مصنوبا آهن ۽ اسان کي يقين آهي ته اهي منصوبا ڪاميابي سان مڪمل ٿيندا. وزيراعظم ??يو ته قرباني سخت محنت ۽ ڪوششن سان پنهنجي پ??رن تي بيهڻ چين ۽ چين جي صدر شي جن پنگ جو ماڊل آهي. اسان باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي ويزن موجب ملڪ ۾ ترقي ۽ خوشحالي آڻڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکنداسين. ان کان اڳ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چين جي نائب وزيراعظم هي لي فينگ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ 6 مفاهمت جي ياداشتن ۽ معاهدن تي صحيحن واري تقريب جو مشاهدو ڪيو. منصوبابندي، ترقي ۽ خوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال ۽ چين جي سڌارن ۽ ترقي واري قومي ڪميشن جي وائيس چيئرمين سونگ ليان جوائنٽ ڪوآپريشن ڪميٽي آف سي پ??ڪ ۽ سي پ??ڪ فريم ورڪ ۾ اسپيشل ايڪسچينج آف مڪينزم جي معاهدن تي صح??حو?? ڪيون. قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري سيڪريٽري ظفر حسن ۽ پاڪستان ۾ چين جي ناظم الامور فانگ چن سوائي چين کي ڳاڙهن مرچن جي برآمدات بابت دستاويز تي صح??حو?? ڪيون، اين ايڇ اي جي ميمبر پلانگن احسن امين ۽ پاڪستان ۾ چين جي ناظم الامور فانگ چن سوائي قراقرم هاءِ وي ري الائنمنٽ فيز ٽو جي حتمي فزيبلٽي اسٽڊي جي ياداشت تي صح??حو?? ڪيون. ان کانسواءِ ٻنهي ملڪن انڊسٽريل ورڪر ايڪسچينج پروگرام ۽ ايم ايل ون منصوبي تي 21 هين ڪانفرنس جي فني ڪميٽي جي منٽس تي پڻ صح??حو?? ڪيون. ان موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، ناڻي وارو وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار، منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، واپار وارو وفاقي وزير سيد نويد قمر، ريلوي وارو وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي ۽ ٻين اعليٰ عملدارن کانسواءِ چيني وفد جا ميمبر پڻ شامل هئا. بعد ۾و زيراعظم ??يني وفد جي مان ۾ مانجهاندو پڻ ڏنو.