اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ کي عظيم ۽ نو??وانن کي بااختيار بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ليپ ٽاپ ۽ قرض اسڪيم سا?? هوشيار غريب شاگرد ۽ شاگردياڻيون فائدو کڻندا، يوٿ پروگرام جي ??ري??ي هيستائين 30 ارب ر??يا ورهايا ويا آهن، پاڪستان ايجوڪيشن انڊومنٽ فنڊ جي لاءِ 5 ارب ر??يا رکيا آهن، ٻيهر چونڊجي آيس ته نو??وانن جي لاءِ رکيل رقم وڌيڪ وڌائيندس. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊيجيٽل يوٿ هب پورٽل جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته وزيراعظم يوٿ پروگرام کي سڄي ملڪ ۾ تيز رفتاري سا?? ڦهلايو پيو وڃي، مون پشاور، ڪراچي، لاهور، گوادر جا دورا ڪيا آهن، سڄي ملڪ ۾ هوشيار شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ميرٽ تي ليپ ٽاپ ڏنا ??يا وڃن، يوٿ پروگرام سا?? ڪاروبار، زراعت ۽ ايس ايم ايز جي لاءِ قرضن جي مد ۾ هيستائين 30 ارب ر??يا بئنڪن ??ري??ي ورهايا ويا آهن. يوٿ اسپورٽس پروگرام جي لاءِ بجيٽ ۾ 5 ارب ر??يا رکيا ويا آهن. آءِ ٽي پروگرام فري لانسز، فني تربيت ۽ ٻين شعبن جي لاءِ مجموعي طور تي بجيٽ ۾ 80 ارب ر??يا رکيا ويا آهن. نو??وانن کي ڪاروبار جي لاءِ قرضن جي مد ۾ 5 ارب رپين جي رقم رکي آهي. وظيفن جي لاءِ به 5 ارب ر??يا رکيا ويا آهن. هن چيو ته 2008ع ۾ پنجاب ايجوڪيشن انڊومنٽ فنڊ اسان قائم ڪيو هو ۽ 10 سا??ن ۾ هوشيار شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ 22 ارب رپين جا وظيفا ورهايا، جنهن سا?? 4 لک کان وڌيڪ هوشيار شاگردن ۽ شاگردياڻين فائدو کنيو. هاڻي وفاق جي سطح تي پاڪستان ايجوڪيشن انڊومنٽ فنڊ قائم ڪيو ويو آهي جنهن جي لاءِ 5 ارب ر??يا رکيا آهن ۽ اها رقم هوشيار شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ورهائي ويندي. وزيراعظم چيو ته منهنجو وس هلي ته 5 ارب رپين جي اها رقم وڌائي 500 ارب ر??يا ڪري ڇڏيان، نو??وان ان پورٽل ??ري??ي پنهنجو پاڻ کي رجسٽرڊ ڪرائي سگهن ٿا، ليپ ٽاپ اسڪيم سرڪاري تعليمي ادارن جي غريب شاگردن ۽ شاگردياڻين جي لاءِ آهي، پرائيويٽ تعليمي ادارن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي لاءِ نه آهي، ڇو ته اهي وڏي فيس ادا ڪري سگهن ٿا ته ليپ ٽاپ به خريد ڪري سگهن ٿا. ليپ ٽاپ ۽ قرض اسڪيم سا?? غريب شاگرد ۽ شاگردياڻيون فائدو کڻندا. هن چيو ته هاڻي ٻيهر چونڊجي آياسين ته نو??وانن جي لاءِ رکيل رقم ۾ اضافو ڪنداسين، نو??وانن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ سمورا قدم کنيا ويندا، اسان گڏجي ملڪ کي عظيم بڻائينداسين، نو??وانن مان به اميد آهي ته اهي ملڪي ترقي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن. تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم جي نو??وانن جي معاملن واري خاص معاون شزه فاطمه چيو ته عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ اربين ر??يا فراهم ڪيا ويا آهن، تاريخ ۾ نو??وانن جي لاءِ پهريون ڀيرو يوٿ اسپورٽس فيسٽيول منعقد ڪيا ويا، ليپ ٽاپ اسڪيم تحت هڪ لک ليپ ٽاپ ورهايا ويا آهن، نو??وانن کي هنرمند بڻائڻ جي لاءِ به 5 ارب ر??يا رکيا ويا آهن. هن چيو ته نو??وانن جي لاءِ حڪومتي قدمن بابت پورٽل جاري ڪرڻ انتهائي اهميت رکندڙ آهي، ان سا?? نو??وانن کي تمام گهڻو فائدو ٿيندو. سينيٽر عبدالقيوم چيو ته سي پيڪ نو??ز شريف ۽ چين جي صدر شي جن پنگ جو گڏيل ويزن هو، نو??وان اسان جي ملڪ جو سرمايو آهن، مسلم ليگ (ن) ملڪ مان دهشتگردي ۽ لوڊشيڊنگ جو خاتمو ڪيو، نو??وانن کي هنرمند بڻائڻ کانسواءِ ترقي ممڪن نه آهي.