اسلام آباد – 10 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شڪر ڳڙهه ۾ ٻوڏ ريلي ۾ ڦاٿل ماڻهن کي و??ت سر ٻاهر ڪڍڻ ۽ مدد تي رينجرز ۽ ريسڪيو 1122 جي اهلڪارن جي خدمتن کي ساراهيندي امڪاني طور تي متاثر ٿيندڙ علائقن ۾ ماڻهن کي آگاهي ۽ و??ت سر حفاظت سا?? ٻاهر ڪڍڻ جي تيارين جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته رينجرز ۽ ريسڪيو جي و??ت سر امدادي ڪارروائي سا?? عورتن ۽ ٻارن سميت درجنين ماڻهن جي حياتيءَ بچائي وئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي فرض شناس فرزندن کي مون سميت پوري قوم خراج تحسين پيش ??ري ٿي. وزيراعظم ريسڪيو ادارن کي راوي، چناب ۽ ستلج ۾ امڪاني ٻوڏ واري صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فول پروف انتظامن جي هدايت ڪئي. وزيراعظم امڪاني طور تي متاثر ٿيندڙ علائقن ۾ ماڻهن جي آگاهي ۽ و??ت سر حفاظت سا?? ٻاهر ڪڍڻ جي تيارين جي پڻ هدايت ڪئي.