اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عالمي امن ۽ ماحول کي درپيش خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ۽ ٺوس قدمن کي لازمي قرار ڏيندي چيو آهي ته دنيا جا سم??را مذهب معاشري ۾ ٻڌي ۽ برابري تي زور ڏين ٿا، مذهبن امن جي لاءِ وڏي جستجو ڪئي آهي، چاهيون ٿا ته امن ۽ محبت جو پيغام عام ٿئي، پاڪستان دنيا جي لاءِ گنڌارا تهذيب جي قديم تاريخ جي منفرد ميلاپ ۽ ٻڌ جي امن ۽ همدرديءَ جي پيغام سان هڪ قيمتي دُوار کوليو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”ڪلچرل ڊپلوميسي: پاڪستان ۾ گنڌارا تهذيب ۽ ٻڌسٽ هيريٽيج جي بحالي“ جي موضوع تي ٽن ڏينهن واري گنڌارا سم??وزيم 2023ع کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. سم??وزيم جي افتتاحي سيشن ۾ اسلام آباد ۾ مقرر مختلف ملڪن جي سفارتڪارن، مذهبي اڳواڻن، آثار قديمه جي ماهرن، تعليمي ماهرن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ اهم شخصيتن شرڪت ??ئي. اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، مملڪتي وزير ۽ وزيراعظم ٽاسڪ فورس گنڌارا ٽوئرازم جي چيئرمين ڊاڪٽر رميش ڪمار وانڪواڻي سم??ت ٻين ملڪي ۽ پرڏيهي نمائندن پڻ افتتاحي تقريب کي خطاب ڪيو. صدر چيو ته مختلف تهذيبن بابت ڄاڻڻ جي لاءِ ڪيترن ئي ملڪن جا دورا ڪيا، واديءَ سنڌ جي تهذيب جو ڳاڻيٽو دنيا جي اهم تهذيبن ۾ ٿئي ٿو، مذهبي ڪتابن ۾ گنڌارا تهذيب جو به ذڪر آهي. هن چيو ته ٻڌا جي تعليم امن، محبت ۽ روا??ار?? جو درس ڏي ٿي، موجوده دور ۾ صبر ۽ تحمل ضروري ٿي چڪو آهي. صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته مختلف تهذيبن کي اختلاف وساري گڏجڻ جي ڪوشش ڪرڻ گ??رج??. ڊاڪٽر عارف علوي سم??وزيم منعقد ڪرڻ تي انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز اسلام آباد ۽ ٻين لاڳاپيل ا??ار?? کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته سم??رن مذهبن امن جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ ان جي لاءِ مذهبن وڏي ڪوشش ڪئي آهي. هن چيو ته دنيا کي امن ۽ بهتر ماحول جي ضرورت آهي. صدر چيو ته دنيا کي تڪرارن کان هٽي امن طرف وڃڻ گ??رج?? ۽ تهذيبن کي لاحق خطرن کي روڪڻو پوندو. ان کان اڳ پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود تقريب ۾ شرڪت تي صدر جا ٿورا مڃيندي چيو ته سم??وزيم منعقد ڪرڻ سان پاڪستان ۾ مذهبي سياحت کي فروغ ملندو. هن چيو ته پشاور، ٽيڪسلا ۽ تخت ڀائي گنڌارا تهذيب جا اهم شهر رهيا آهن. وزيراعظم ٽاسڪ فورس گنڌارا ٽوئرازم جي چيئرمين ڊاڪٽر رميش وانڪواڻي سم??وزيم کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ گنڌارا سم??ت ڪيترين ئي تهذيبن جا اثار موجود آهن، ثقافتي سياحت جي ذريعي پاڪستان جو مثبت تشخص اجاگر ٿيندو. هن چيو ته ثقافتي ۽ مذهبي سياحت مختلف ملڪن ۽ معاشرن کي ويجهو آڻڻ جو سبب بڻجي ٿي.