اسلام آباد- 09 جولاءِ (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چي?? آهي ته نوجوانن کي مثبت ميڊيا جي ذريعن جي ضرورت آهي، پي ٽي آءِ پنهنجي دور ۾ سمورن ادارن کي بري طرح تباهه ڪيو، چار سال ملڪ ۾ نفرت جو ٻج پوکيو ويو، ريڊيو ۽ ٻيا ميڊيا جا ادارا قومي ورثو وقت جي اشد ضرورت آهن، اسڪرين ٽوئر ازم ذريعي پ??ڪستان جو مثبت بيانيو اجاگر ٿيندو، عوام کي سستي تفريح فراهم ڪرڻ جون ڪوششون ڪر?? رهيا آهيون. اهڙو اظهار هن ريڊيو پاڪستان لاهور ۾ مختلف منصوبن جي افتتاحي تقريب ۽ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چي?? ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن موجب ورثي ۽ ثقافت ذريعي پ??ڪستان جو مثبت اميج پوري دنيا تائين پهچائڻو آهي، هن وقت پاڪستان جي نوجوان نسل کي مثبت ميڊيا ذريعن جي ضرورت آهي ڇاڪاڻ ته گذريل حڪم??ان?? پنهنجي چئن سالن جي حڪومتي دور ۾ سمورن ادارن کي بري طرح نقصان رسايو ۽ انهن ئي چئن سالن ۾ ملڪ ۾ نفرت جو ٻج پوکيو ويو. هن چي?? ته وزيراعظم جو ويزن آهي ته نوجوانن جي هٿن ۾ ليپ ٽاپ هجڻ گهرجي نه وري پيٽرول بم. هن چي?? ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت 18 -2017ع ۾ فلم پاليسي جو بيناد رکيو ۽ ان لاءِ بجيٽ پڻ رکيو ويو، پر بدقسمتي سان گذريل حڪومت هر اداري کي تباهه ڪيو، پاڪستان ٽيلي ويزن ۽ ريڊيو پاڪستان کي نيلام ڪرڻ جون ڳالهيون ڪيون ويون، جڏهن ته انهن کي احساس تائين نه هو ته نيشنل براڊ ڪاسٽ جي حفاظت ڪئي ويندي آهي نه وري ان کي نقصان پهچايو ويندو آهي. هن چي?? ته پاڪستان ۾ ڪو به دهشتگردي جو واقعو ٿئي ٿو ته پوري دنيا ۾ ڏيکاريو وڃي ٿو پر پاڪستان جي ڪلچر ٽورازم کي دنيا نٿي ڄاڻي جنهن کي اسڪرين جي سياحت ذريعي مثبت بيانو بڻائي ڏيکاريو ويندو ۽ حڪومت ورثي، ثقافت ۽ سينيما ذريعي ڪلچرل بياني کي ٻيهر بحال ڪرڻ لاءِ پوري طرح قانونسازي ڪئي آهي. مريم اورنگزيب چي?? ته فلم سازي ۾ استعمال ٿيل اوزارن کي گهرائڻ لاءِ ايف بي آر ذريعي ٽيڪسن ۾ ڇوٽ ڏني وئي ته جيئن وڌ کان وڌ فلمون ٺهن ۽ دنيا کي پ??ڪستان جو سافٽ اميج ڏيکاري سگهجي. هن چي?? ته ملڪي سينيما هائوسز مختلف سببن جي ڪري پيٽرول پمپس ۽ شادي هالن ۾ تبديل ٿيا ڇاڪاڻ ته فلم پروڊيسر لاءِ ممڪن نه هو ته هو ان کي وڌيڪ هلائي سگهي، پر حڪومتي پ??ليسين عيوض هن عيد تي 5 کان 6 فلمون رليز ٿيون ۽ ان ۾ وقت سان گڏوگڏ بهتري اچ?? رهي آهي جڏهن ته ان رجحان جي اهميت کي نظر ۾ رکندي ريڊيو پاڪستان ۾ عوام لاءِ پهريون ڊجيٽل سينيما بڻائ?? رهيا آهيون، سينيما هائوسز جو مقصد نوجوانن کي سستي تفريح فراهم ڪرڻ آهي، ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن سينيما ۽ ٿيٽرز بڻايا ويندا، جڏهن ته ايف بي آر کين ڀرپور رليف پڻ ڏيندي، هن چي?? ته فلم فنانسنگ ڪائونسل بجيٽ ۾ 2 ارب روپيا رکيا آهن هاڻي ڪا به ڊاڪيومينٽري ،شارٽ فلم يا فلم بڻائڻ چاهي ته حڪومت ان جي مدد ڪندي. وفاقي وزير چي?? ته ايندڙ هفتي ميوزڪ فلم پاليسي کي لانچ ڪيو پيو وڃي ۽ پوري ملڪ جي ميوزڪ هسٽري کي نيشنل ڊجيٽل آرڪائيو ذريعي محفوظ ڪيو ويندو. هن چي?? ته 15 جولاءِ کان ٽينلينٽ هنٽ پروگرام شروع ڪرڻ وڃ?? رهيا آهيون جنهن سان ميوزڪ جي ٽيلينٽ کي پ??وموٽ ڪيو ويندو ۽ ان جي شروعات سنڌ کان ڪرڻ وڃ?? رهيا آهيون، هن چي?? ته ڪلاسيڪل ميوزڪ ريسرچ سيل ۾ سمورن ماڻهن سميت شاگرد تحقيق ڪري سگهن ٿا جنهن جي ذريعي ڏو??ان??ن علائقن جي نوجوانن جي فن جي حوصلا افزائي به ٿيندي جڏهن ته ڊجيٽل براڊ ڪاسٽنگ ٽريننگ ليب ۾ پريڪيٽل ڪم جي سهولت موجود هوندي جيڪا پهرين ڪٿي به نه هئي. هن چي?? ته اهي سموريون شيون هونديون ته يونيورسٽين جا نوجوان ڪنهن جي نفرت انگيز بياني، انتشار، فتني ۾ نه اچي سگهندا، وفاقي وزير جو چوڻ هو ته وزيراعظم شهباز شريف نوجوانن ۾ ليپ ٽاپ ان مقصد لاءِ ورهايا ته جيئن انهن جي هٿن ۾ ليپ ٽاپ هجي نه وري پيٽرول بم، ۽ ٻارن وٽ ميوزڪ نه هوندو ته نفرت ۽ گارگند هوندي. هن چي?? ته محمد نواز شريف ذريعي سي پيڪ آيو ته سڀ کان حصو روڊ نيٽ ورڪ، ون بيلٽ ون روڊ ۽ ڪلچر ۽ ثقافت جو هو. هن چي?? ته پي ٽي وي اڪيڊمي سان يونيورسٽي جا شاگرد ڊگري پ??وگرام ذريعي ايڪٽنگ ۽ پروڊڪشن ۾ ڪم ڪرڻ چاهين ٿا جنهن کي سمورين يونيورسٽين لاءِ کوليو ويو آهي جڏهن ته انفارميشن اڪيڊمي ۾ سمورن تعليمي ادارن جي شاگردن جي تربيت ڪئي ويندي. وفاقي وزير هڪ سوال جي جواب ۾ چي?? ته جيڪڏهن پاڙيسري ملڪ ۾ 100 فلمون ٺهن ٿيون ته ان ۾ هڪ يا ٻه ڪامياب ٿين ٿيون، پر هنن فلم ٺاهڻ جي عمل ۾ بند ناهي ڪيو، فلمون ٺهنديون رهڻ گهرجن، ڇاڪاڻ ته ٺهندي ٺهندي ئي بهتري ايندي، هن چي?? ته مشڪل حالتن باوجود به اهڙي پ??وڊڪشن ٿ?? رهي آهي جيڪا تمام زبردست ۽ بهتر آهي، مريم اورنگزيب چي?? ته 1992ع ۾ فلم انڊسٽري کي صنعت جو درجو ڏنو ويو هو پر ان سلسلي ۾ ڪي به ضروري قاعدا ۽ ضابطه مڪمل نه ڪيا ويا، جڏهن ته گذريل دور ۾ ان کي صنعت جو درجو ڏيڻ سمجهه کان مٿانهون آهي. هن چي?? ته موجوده حڪومت پهريون ڀيرو صحافين ۽ آرٽسٽن لاءِ هيلٿ انشورنس ڪارڊ متعارف ڪرايو آهي، هن چي?? ته پي ٽي وي تي حملو ڪندڙن ريڊيو پاڪستان تي حملو ڪيو ۽ ٽن ڏينهن تائين پنهنجي گهربل هدف تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا ۽ چاغي آرڪائيو کي ساڙيو ويو جنهن جو ڪو به بيڪ اپ ناهي، هاڻي سمورا آرڪائيو ڊجيٽل ڪرڻ وڃون پيا، هن چي?? ته پوري دنيا ۾ ايئرپورٽ آئوٽ سورس تي هلن ٿا، پاڙيسري ملڪن سميت هيٿرو ايئرپورٽ به آئوٽ سورس ۽ انٽرنيشنل پارٽنرشپ جي پ??ليسي تي هل?? رهيا آهن جڏهن ته حڪومت هڪ انچ به جڳهه وڪرو ناهي ڪئي،هڪ سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته حڪومت پنهنجو آئيني مدو پورو ڪندي محمد نواز شريف جلد وطن واپس ايندو هاڻي ته جهڙي طرح جا فيصلا اچ?? رهيا آهن ان ۾ واضح لکيو ويو آهي ته محمد نواز شريف کان سياسي انتقام ورتو ويو هو، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته پي ٽي آءِ چيئرمين جو ذهني توازن ٺيڪ ناهي، هن پنهنجي حڪومتي دور ۾ جيترا به غلط ڪم ڪيا انهن جو سمورو ملبو اڳوڻي آرمي چي?? تي وجهي ڇڏيو، جيتوڻيڪ اهي سموريون غلط شيون پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ سندس ساٿين ڪيون، حڪومت ۽ فوج خلاف هڪ خاص گروه سوشل ميڊيا تي نفرت پکيڙ?? رهيو آهي، لسٻيله حادثي تي گندي مهم هلائي وئي جنهن جي سخت مذمت ڪريان ٿي، وزيراعظم جي هدايت آهي ته اهڙين ڌرين سان سختي سان پيش اچڻ گهرجي جيڪي فوج ۽ آرمي چي?? خلاف مهم جو حصو آهن.