اسلام آباد-08 جولاءِ (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ريڊيو پاڪستان لاهور ۾ سنيما هائوس ۽ ڊجيٽل ريڊيو ليب جو پيڙهه جو پٿر رکڻ تي خوش?? جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب چ??و ته ريڊيو پاڪستان لاهور ۾ سنيما هائوس ۽ ڊجيٽل ليب جو پيڙهه جو پٿر رکڻ تي هو خوشي محسوس ??ري رهي آهي، وفاقي وزير چيو ته ان قدم جو مقصد سستي سنيما رسائي متعارف ڪرائي پاڪستان ۾ مووي ميجڪ جي رونق بحال ڪرڻ آهي. مريم اورنگزيب چ??و ته ريڊيو پاڪستان هر پاڪستاني کي عالمي معيار جي تفريح فر??هم ڪرڻ لاءِ فلمي تفريحي صنعت ۾ نئين روح وجهڻ ۽ جدت طرازي لاءِ نيشنل ڊجيٽل آرڪائيو، پاڪستان جي موسيقي جي ڌنن جي ميپنگ ۽ عالمي معيار جي پوڊ ڪاسٽ اسٽوڊيوز جو سڄي پاڪستان ۾ آغاز ??ري رهيو آهي.