ٽوڪيو -02 جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جاپان جي سرڪاري دوري جي موقعي تي ڪيترن ئي ??اپاني بزنس ايگزيڪيوٽو، جائيڪا ۽ جيڙو جي نمائندن سان ڳالهه ٻولهه ڪئ?? آهي. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جاري بيان ۾ چئي، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جاپاني حڪومت جي دعوت تي گذريل ڏينهن ٽوڪيو پهتو هو جتي پ??ڪستان جي سفير رضا بشير تارڙ جاپاني پ??ڏيهي وزارت جي عملدارن ۽ پاڪستاني ڪميونٽي جي وڏي انگ ان جو استقبال ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پهرين جولاءِ کان 4 جولاءِ تائين جاپان جي چئن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪري رهيو آهي، ان جي جاپاني هم منصب ۽ وزيراعظم سان پڻ ملاقاتون رٿيل آهن.