لاهور – 13 جون (اي پي پي) پنجاب ??ي نگران وڏي وزير محسن نقوي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ٽيلي فونڪ رابطو ڪيو ۽ سامونڊي طوفان بائپر جوائي کي منهن ڏيڻ ??اء?? پنجاب ??ڪومت طرفان مڪمل سهڪار جي يقين ڌياني ڪرائي. نگران وڏي وزير چيو ته ريسڪيو 1122، پي ڊي ايم اي سميت پنجاب ??ا لاڳاپيل ادارا هر وقت سنڌ جي ڀيڻ ڀائرن جي مدد ??اء?? حاضر آهن ۽ ساحلي علائقن ۾ آبادي جي انخلا جي حوالي سان به سنڌ حڪومت جي مدد ??اء?? تيار آهيون. وڏي ڀاءُ ج?? حيثيت سان سنڌ جي ڀيڻ ڀائرن جي هر ممڪن مدد ڪرڻ ذميواري قومي فرض سمجهي نڀائينداسين. هن چيو ته پنجاب ??ي امدادي سرگرمين سان لاڳاپيل ادارن کي سنڌ حڪومت جي مدد ??اء?? الرٽ ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سهڪار جي يقين ڌياني تي پنجاب ??ي نگران وڏي وزير جو شڪريو ادا ڪيو. هن چيو ته صورتحال کي مانيٽر ڪري رهيا آهيون ۽ ضرورت پوڻ تي آگاهه ڪنداسين.