پيرس – 22 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ترقي يافته ملڪ ماحولياتي مسئلن مسئلن سان ا??رن??ڙ ملڪن جي واڌويجهه جي شرح تي پوندڙ منفي اثرن مان نڪرڻ ۾ مدد جي لاءِ خصوصي ڪردار ادا ڪن، ا??رن??ڙ ملڪن کي وسيلن جي فراهمي جي لاءِ عالمي مالياتي ڍانچي ۾ سڌارا ضروري آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ماحوليات جي لاءِ آمريڪي صدر جي خصوصي نمائندي ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير جان ڪيري سان ملاقات ??ئي. ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات نئين عالمي مالياتي معاهدي بابت عالمي سربراهي اجلاس جي موقعي تي ٿي. وزيراعظم شهباز شريف ۽ جان ڪيري هڪ ٻئي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف ماحوليات جي مسئلي تي جان ڪيري ۽ آمريڪي حڪومت جي ترجيحن کي ساراهيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته ماحولياتي مسئلا دنيا جو گڏيل مسئلو آهي جنهن جي لاءِ گڏيل حڪمت عملي ۽ ڪوششون گهربل آهن. جان ڪيري کي ماحوليات جي لاءِ آمريڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آمريڪي صدر جو خصوصي نمائندو مقرر ڪرڻ ان مسئلي جي اهميت جو ادراڪ آهي. هن چيو ته وڌندڙ ماحولياتي مسئلا خاص طور تي ا??رن??ڙ ملڪن جي ترقي ۽ واڌويجهه جي شرح کي بري طرح متاثر ڪري رهيا آهن، شديد معاشي مشڪلاتن ۾ 2022ع ۾ ايندڙ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ مسئلن کي وڌيڪ مشڪل بڻائي ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته ا??رن??ڙ ملڪ ماحولياتي مسئلن سان ا??رن??ڙ ملڪن جي واڌويجهه جي شرح تي پوندڙ منفي اثرن مان نڪرڻ ۾ مدد جي لاءِ خصوصي ڪردار ادا ڪن، ڪوپ – 27 ۾ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ قائم ڪرڻ کانپوءِ وسيلن جي فراهمي جي واعدن کي عملي شڪل ڏيڻ اهم آهي، نئين عالمي مالياتي معاهدي جي لاءِ پيرس سربراهي ڪانفرنس ا??رن??ڙ ملڪن جي لاءِ اميد جو پيغام آهي، ا??رن??ڙ ملڪن کي وسيلن جي فراهمي جي لاءِ عالمي مالياتي ڍانچي ۾ سڌارا ضروري آهن. جان ڪيري موسمياتي تبديلين جي مسئلي سان ا??رن??ڙ ملڪن جي لاءِ خطرن ۾ اضافي سان اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل ڪوششن جي لاءِ رابطو برقرار رکڻ ۽ مشاورت سان اڳتي وڌڻ ??ي پڻ اتفاق ڪيو.