اسلام آباد – 19 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ريڊي?? پاڪستان جي ملازمن کي رٽائرمينٽ مراعتون ادا ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ادائيگي نه ڪرڻ جي ڪري رٽائرڊ ??لازمن جا خاندان مشڪلاتن جو شڪار آهن، ريڊي?? پاڪستان جهڙي روينيو پيدا ڪندڙ اداري کي مالي وسيلن جي شديد کوٽ ڳڻتي جوڳي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ريڊي?? پاڪستان جي 38 ملازمن کي 3 مهينن جي اندر پينشنري مراعتون ادا ڪري، ريڊي?? پاڪستان کي فنڊز جي فراهمي جو معاملو اعليٰ سطح تي اٿارڻ گهرجي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اطلاعات واري وزارت جو سيڪريٽري 3 مهينن ۾ ادائگي جي لاءِ مجاز اٿارٽي کان منظوري وٺي ۽ وفاقي محتسب کي تعميل جي رپورٽ جمع ڪرائي. تفصيل موجب سيد پرويز حسين شاهه ۽ ٻين 37 شڪايت ڪندڙن محتسب کي شڪايت ڪئي هئي. شڪايت ڪندڙن موجب مختلف تاريخن تي سروس تان رٽائرڊ ٿي??دڙ انهن اڳوڻن ملازمن جا پينشن پيمنٽ آرڊرز جاري ٿيا پر ادائيگي نه ڪئي وئي. وفاقي محتسب ريڊي?? پاڪستان پاران متاثر ملازمن کي مالي مسئلن جي بنياد تي ادائيگي نه ڪرڻ کي بدانتظامي قرار ڏيندي ريڊي?? پاڪستان کي رٽائرڊ ??لازمن کي رقم ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. وفاقي محتسب موجب افسوس جو اڳوڻا ملازم پ??ڙهائپ ۾ پنهنجي حقن جي لاءِ رُلي رهيا آهن، پوڙهائپ ۾ هڪ هڪ پئسو رٽائرڊ ??لازم جي بنيادي ضرورت ??ون??ي آهي. ريڊي?? پاڪستان محتسب جي حڪم جي خلاف صدر وٽ اپيل داخل ڪئي. صدر وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف ريڊي?? پاڪستان جي اپيل اڪلائيندي چيو ته مڃيل قانون آهي ته رٽائرمينٽ مراعتون رياست پاران انعام نه آهي، رٽائرمينٽ مراعتون ملازم کي اطمينان جوڳي خدمتن جي ڪري ملندڙ حق آهي. صدر چيو ته پينشنري فائدين جي ادائيگي نه ٿيڻ جي ڪري رٽائرڊ ??لازمن ۽ گهرڀاتين جون مشڪلاتون ڳڻتي جوڳيون آهن. ريڊي?? پاڪستان پاڻ پنهنجي ملازمن کي رقم جي ادائيگي جي ذميواري تسليم ڪئي آهي. صدر هدايت ڪئي ته اطلاعات وارو سيڪريٽري 3 مهينن ۾ فنڊز جي لاءِ مجاز اٿارٽي کان منظوري وٺي.