اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي تربيت يافته پيراميڊيڪل اسٽ??ف جي سهولت لاءِ بل 2023ع جي توثيق ڪري ڇڏي جنهن تحت اسلام آباد جي سرڪاري ۽ نجي ا??ڪولن ۾ ٻارن کي شروعاتي طبي امداد ڏيڻ جي لاءِ تربيت يافته پيراميڊيڪل اسٽ??ف جي دستيابي لازمي قرار ڏني وئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب اسلام آباد جا سمورا نجي ا??ڪول پنهنجي اڱڻ ۾ ضرورت موجب ٻارن کي ميڊيڪل امداد جي فراهمي لاءِ پيراميڊيڪل اسٽ??ف جي دستيابي يقيني بڻائيندا. وفاقي حڪومت سم??رن سرڪاري ا??ڪولن ۾ ضرورت موجب ٻارن کي ميڊيڪل امداد جي فراهمي لاءِ پيراميڊيڪل اسٽ??ف جي دستيابي يقيني بڻائيندي. خلاف ورزي جي صورت ۾ پهرين وارننگ کانپوءِ هڪ لک تائين ڏنڊ ۽ بعد ۾ 6 مهينن تائين قيد جي سزا ڏئي سگهبي. صدر بل جي توثيق آئين جي آرٽيڪل 75 تحت ڪئي آهي.