اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) عظمت شهداءِ ڪنوينشن جي موقعي تي شهيدن جي حوالي سان دستاويزي فلم ۽ ملي نغمن جي دوران انتهائي جذباتي منظر ڏسڻ ۾ آيا. وزيراعظم محمد شهباز ش??يف سميت ڪيترائي وزير ۽ ڪنوينشن ۾ شرڪت ڪن??ڙ عظمت شهداءِ ڪنوينشن جي موقعي تي شهيدن جي حوالي سان ڊاڪيومينٽري ڏسندي روئڻهارڪا ٿي ويا.
ان موقعي تي هن شهيدن جي گهرڀاتين جي خيريت معلوم ڪئي ۽ انهن جي ٻارن کي پيار ڪيو. ان موقعي تي ڪنوينشن سينٽر ۾ شهيدن جون تصويرون پڻ هنيون ويون هيون. وزيراعظم روئڻهارڪين اکين سان شهيدن جي ڏک ۾ ورتل گهرڀاتين کي پنهنجي هٿن سان پاڻي پياريو. انهن کي دلاسو ڏ??و ۽ انهن جي دلجوئي ڪئي.