اسلام آباد – 22 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شه??از شريف چيو آهي ته ڪوئيٽا ۾ قومي راندين جي مقابلن جو انعقاد پاڪس??ان?? قوم جي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ فتح جو نشان آهي، هي ملڪ دشمن عنصرن، انتشار ۽ دهشت پکيڙيندڙن کي کليل پيغام آهي ته پاڪس??ان?? بهادر قوم مشڪلن کي شڪ??ت ڏئي پنهنجو رستو ٺاهڻ ڄاڻي ??ي. ??نهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ هن پاڪس??ان جي 34 هين راندين جي قومي مقابلن جو افتتاح ڪيو، ڪوئيٽا ۾ 19 سالن کانپوءِ اهي رانديون منعقد ٿي رهيون آهن. هن چيو ته منهنجي لاءِ اها اعزاز جي ڳالهه آهي ته انهن راندين جو افتتاح قائداعظم محمد علي جناح 1948ع ۾ ڪيو هو ۽ اڄ مون کي بطور خادم پاڪس??ان انهن راندين جي شروعات ڪرڻ جو موقعو مليو، اڄ جو ڏينهن ان لاءِ به انتهائي اهميت رکندڙ آهي ته انهن راندين جو انعقاد پاڪس??ان?? قوم جي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ فتح جو نشان آهي. وزيراعظم چيو ته پوري ملڪ مان آيل 6000 رانديگرن سان ڀريل ايوب اسٽيڊيم ستارن جي هڪ ڪهڪشان جو منظر پيش ڪري رهيو هو، مون کي اهو ڄاڻي تمام گهڻي خوشي ٿي ته انهن مقابلن ۾ عورت رانديگرن جو وڏو انگ شرڪت ڪري رهيو آهي جيڪو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪس??ان جون باصلاحيتون عورتون ڪنهن به ميدان ۾ مردن کان ڪنهن به طرح پٺتي نه آهن. هن چيو ته انهن راندين جو انعقاد ملڪ دشمن عنصرن، انتشار ۽ دهشت پکيڙيندڙن کي کليل پيغام آهي ته پاڪس??ان?? قوم هڪ بهادر قوم آهي جيڪا مشڪلن کي شڪ??ت ڏئي پنهنجو رستو ٺاهڻ ڄاڻي ٿي.