اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اردن جي شاهي خاندان جي دعوت تي ولي عهد حسين جي شادي ۾ شرڪت جي لاءِ اردن ۾ آهي. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته اردن جي دوري کانپوءِ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري عر??ق جي نائب وزير??عظ?? ۽ پرڏيهي وزير ڊاڪٽر فواد حسين جي دعوت تي 5 کان 7 جون تائين عر??ق جو دورو ڪندو. اهو پرڏيهي وزير جو عر??ق جو پهريون دورو هوندو، دوري دوران پرڏيهي وزير عر??قي قيادت سان ملاقات ڪندو. عر??قي هم منصب سان ملاقات ۾ ڌريون گڏيل ??لچ??پي جي ڪيترن ئي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون ۽ ٻطرفي تعاون جون راهون ڳوليندا. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پا??ست??ني زائرين جي سهولت جي لاءِ ڪربلا ۾ زائرين جي سينٽر جي قيام جو باضابطا اعلان ڪندو ۽ سفارتخاني جي ڪمپليڪس جي پيڙهه جو پٿر پڻ رکندو. پرڏيهي وزير جي عر??ق جي دوري دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعليم جي شعبي، ثقافتي تعاون ۽ ويزا جي سهولت بابت ڪيترن ئي معاهدن تي صحيحون پڻ متوقع آهن.