اسلام آباد – 13– اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي زرعي ترقياتي بئنڪ جي اسسٽنٽ نائب صدر کي عورتن کي هر??سان ڪرڻ تي نوڪري مان ڪڍڻ جي سزا برقرار رکندي هر??سمينٽ جي خاتمي بابت محتسب جي فيصلي جي خلاف جوابدار جي درخواست رد ڪري ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان م??جب اسسٽنٽ نائب صدر (جوابدار) تي عورت آفيسر کي جنسي طور تي هر??سان ڪرڻ جو الزام ثابت ٿي ويو هو. صدر هر??سمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتس?? پاران جوابدار تي هنيل 5 لک جي ڏنڊ کي وڌائي 6 لک رپيا ڪري ڇڏيو. صدر معاملي تي زرعي ترقياتي بئنڪ جي درخواست کي پڻ رد ڪري ڇڏيو. صدر چيو ته جوابدار هر??سمينٽ جي خاتمي بابت محتسب جي ڪ??رر??ائي ۾ ڪنهن بي ضابطگي جي نشاندهي ۾ ناڪام رهيو، معاملي تي هر??سمينٽ جي خاتمي بابت محتسب جي ڪ??رر??ائي ثبوتن جي صحيح جانچ تي ٻڌل آهي. صدر چيو ته پاڪستان ۾ آئين، قانون ۽ ان کي لاڳو ڪرڻ جو پيغام چٽو ۽ واضح آهي، اسان هڪ اهڙو معاشرو چاهيون ٿا جتي عورتن کي ڪم ڪرڻ جي آزادي هجي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اهڙي معاشري جو قيام چاهيون ٿا جتي سمورين عوامي جاين تي عورتن جي لاءِ محفوظ ماحول هجي. صدر چيو ته شڪايت ڪندڙ کي قانون ۽ قاعدن جي سراسر خلاف ورزي ڪندي نوڪري تان برطرف ڪيو ويو، عورت شڪايت ڪندڙ جي خلاف ڪا باقاعده انڪوائري نه ڪئي وئي ۽ نه ئي ٻڌڻي جو موقعو ڏنو ويو. صدر چيو ته متاثر عورت جي برطرفي جو حڪم غيرقانوني اهي، برقرار نه ٿو رهي سگهي، شڪايت ڪندڙ اڃا به بئنڪ جي ملازم آهي، اڄ تائين پنهنجي سمورن فائدن جي حقدار آهي، جوابدار جنسي هر??سمينٽ جي الزام تي شڪايت ڪندڙ کان جرح ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو. صدر چيو ته شڪايت ڪندڙ پاران پيس ڪيل ثبوت ڀروسي جوڳا لڳي رهيا آهن. تفصيل م??جب گوجرانوالا ۾ زرعي ترقياتي بئنڪ جي برانچ ۾ ڪم ڪندڙ هڪ عورت آفيسر جوابدار جي خلاف هر??سان ڪرڻ جي شڪايت داخل ڪرائي، عورت الزام هنيو ته جوابدار جي آفيس ان جي آفيس جي ويجهو هئي، موبائيل فون تي ان جي وڊيوز رڪارڊ ڪندي پڪڙيو ويو. شڪايت ڪندڙ حلفنامو پيش ڪيو ته جوابدار ان کي جنسي طور تي هر??سان ڪيو ۽ جسماني طور تي ڇُهيو. جرح ۾ جوابدار جنسي هر??سمينٽ جي مخصوص الزام تي ڪو سوال نه ڪيو. هر??سمينٽ جي خاتمي بابت محتسب پنهنجي فيصلي ۾ جوابدار کي شڪايت ڪندڙ کي جنسي طور تي هر??سان ڪرڻ جو ڏوهاري قرار ڏنو هو.