اسلام آباد – 09 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان تنزانيه ۾ پاڪستان جي نامزد هاءِ ڪ??شنر سراج احمد خان ملا??ات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ٻطرفي مفاد جي لاءِ پاڪستان ۽ تنزانيه جي وچ ۾ واپاري ۽ معاشي تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان تنزانيه سان لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان تنزانيه سان معاشي ۽ ثقافتي رابطا وڌائڻ جو خواهشمند آهي، ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي سياسي ۽ ثقافتي مٽاسٽا جي ضرورت آهي. صدر نامزد هاءِ ڪ??شنر کي تنزانيه جي ادارن جي سگهه ۾ اضافي جي لاءِ پاڪستان پاران تعاون وڌائڻ جي هدايت ڪئي. پاڪستان تنزانيه کي سفارتڪاري?? بئنڪنگ، ريلوي ۽ پوسٽل خدمتن ۾ تعاون فراهم ڪري رهيو آهي. صدر نامزد هاءِ ڪ??شنر کي تنزانيه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي سهولت فراهم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن چيو ته نامزد هاءِ ڪ??شنر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عوامي رابطا ۽ واپار وڌائڻ جي لاءِ ڪ?? ڪري، تنزانيه جا شاگرد پاڪستان جي گهٽ قيمت واري و??چوئل تعليمي پروگرام مان فائدو کڻي سگهن ٿا، پاڪستان جي و??چوئل يونيورسٽي ۾ اڳ ۾ ئي اٽڪل 8 هزار غيرملڪي شاگرد ورچوئل تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سراج احمد خان کي تنزانيه ۾ هاءِ ڪ??شنر مقرري تي مبارڪباد پڻ ڏني. صدر تنزانيه سان لاڳاپا وڌيڪ ??هتر ڪرڻ جي لاءِ ڪ?? جي هدايت پڻ ڪئي.