اسلام آباد – 14 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ آئيوري ڪوسٽ معيشت، واپار ۽ ثقافت جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي عزم کي ورجائيندي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌائڻ جي ??اءِ اعليٰ سطح تي مٽاسٽا جي حوصلا افزائي جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان آئيوري ڪوسٽ جي ??ارلياماني وفد قومي اسيمبلي جي صدر اداما بگٽو گو جي ??يادت ۾ ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جو اسپيڪر راجا پرويز اشرف پڻ موجود هو. وفد جي آجيان ڪندي صدر چيو ته پاڪستان آئيوري ڪوسٽ کي هڪ اهم ملڪ سمجهي ٿو ۽ پنهنجي ”انگيج آفريقا“ پاليسي تحت آفريقي ملڪن سان لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ چاهي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ مختلف شعب?? ۾ ??ٺا لاڳاپا آهن جن کي ترقي جي عمل ۾ هڪ ٻئي جي ??دد ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته ٻنهي ملڪن جي ???? ۾ ??ياسي ۽ اقتصادي تعاون کي فروغ ڏيڻ جا وڏا امڪان آهن. هن آئيوري ڪوسٽ جي ??اپارين تي زور ڏنو ته اهي پاڪستان جو دورو ڪن ۽ هتي دستياب سيڙپڪاري جي ??وقعن مان فائدو کڻن. هن ٻطرفن لاڳاپن جي ??وجوده سطح تي اطمينان جو اظهار ڪيو جيئن ته ٻئي ملڪ مختلف مسئلن تي متفقه خيال رکن ٿا ۽ مختلف عالمي فورمن تي هڪ ٻئي جي حمايت ڪن ٿا. صدر چيو ته پاڪستان 2004ع کان 2017ع تائين يو اين او سي آئي تحت آئيوري ڪوسٽ ۾ گڏيل قومن جي امن مش?? ۾ ??هم ڪردار ادا ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان سدائين آئيوري ڪوسٽ جي استحڪام ۽ ترقي جي ??اءِ عالمي ڪوششن جي حمايت ڪئي آهي. هن آئيوري ڪوسٽ جي ??ومي اسيمبلي جي صدر کي اهو به چيو ته هو اسلام آباد ۾ پنهنجو سفارتي مشن قائم ڪن جيڪو ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. صدر وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڪوويڊ 19 کي موثر طريقي سان منهن کانسواءِ دهشتگردي جي ??عنت تي ڪاميابي سان ضابطو آندو آهي. صدر وفد سان آئيوري ڪوسٽ جي ??يادت لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته وفد جو دورو ٻطرفن لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ ۾ اهم قدم ثابت ٿيندو. ان موقعي تي اداما بڪٽو گو چيو ته ان جي ??لڪ جي ??يادت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ پاڪستان سان لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ چاهي ٿي. هن صدر کي پنهنجي ??لڪ پاران پنهنجي ??عيشت جي بهتري لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته پارليامينٽرينز کي ٻنهي ملڪن جي ???? ۾ ??ياسي ۽ اقتصادي لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن پاڪستان حڪومت پاران شاندار استقبال ۽ مهمان نوازي تي صدر جا ٿورا مڃيا.