اسلام آباد – 14 – ڊسمبر (اي پي پي وزيراعظم محمد شهباز شريف سان تاجڪستان جو صدر امام علي رحمان وزيراعظم هائوس ۾ ملا??ات ڪندو. وزيراعظم آفيس ??ي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ملا??ات ۾ ٻه طرفن لاڳاپن، گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ علاقائي معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. ملا??ات کان پهرين تاجڪ صدر کي پاڪستان جي هٿيار بند فوج پاران گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويندو جيڪو پاڪستان ٽيلي ويزن نيوز تي سڌو سنئون ڏيکاريو ويندو. پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون به ٿينديون. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ م??تلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ تعاون ۽ ياداشتن تي صحيون به ٿينديون. معاهدن تي صحيحن جي تقريب پاڪستان ٽيلي ويزن نيوز تي سڌو سنئون ڏکاري ويندي. بعد ۾ ٻئي اڳواڻ گڏيل پريس ٽاڪ به ڪندا. وزيراعظم تاجڪ صدر جي اعزاز ۾ آجياڻو به ڏيندو.