اسلام آباد – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڻي ۽ توانائ?? جي تحفظ جي لاءِ روين ۾ ??بد??ل?? جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ان جي نتيجي ۾ پاڪستان پنهنجي مالي ۽ اقتصادي مشڪلاتن کي گهٽ ڪري سگهي ٿو، شام جي وقت ۾ ڪاروبار جلد بند ڪري اسان ٽي کان چار هزار ميگاواٽ توانائ?? جي بچت ڪري سگهون ٿا جڏهن ته ننڍا ۽ وڏا پاڻي ذخيرا ٺاهي برساتن ۽ ٻوڏ جي پاڻي کي بچائي ان کي زراعت ۽ ٻين مقصدن جي لاءِ استع??ال ۾ آڻي سگهون ٿا. صدر اهڙن خيالن جو اظهار سسٽين ايبل ڊيولپمينٽ پاليسي انسٽيٽيوٽ (ايس ڊي پي آئي) جي 25 هين پائيدار ترقي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس ۾ سفارتڪارن ۽ عالمي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي. صدر چيو ته اسان جي روين جو هدف فضلي ۾ گهٽتائي ۽ اسان جي غيرضروري خواهشن کي ختم ڪرڻ طرف هجڻ گهرجي، اسان کي الله تعاليٰ ۽ محبت رسول (صه) سان سرشار ٿيڻ کانسواءِ پاڻ، پنهنجي خاندان، پاڙيسرين، انسانيت ۽ قوم سان گڏوگڏ ٻين قومن ۽ سموري جاندار ۽ غيرجاندار مخلوق سان نفرت کانسواءِ محبت جي مذهبي ۽ اسلامي قدرن تي ٻڌل خوشگوار زندگي گذارڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اسان پنهنجي روين ۾ بامعنيٰ ??بد??ليون آڻي معاشي ۽ مالي مسئلن تي ضابطو آڻي سگهون ٿا ۽ خوشگوار زندگي جو مضبوط بنياد رکي سگهون ٿا. هن چيو ته تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ اسان ٻوڏ کان متاٿر علائقن ۽ ملڪ جي ڪيترن ئي حصن ۾ ٻوڏ سٽيلن جي بحال?? جي مرحلي ۾د اخل ٿي رهيا آهيون. صدر چيو ته اسان کي م??سمياتي ??بد??لين جي ڪري ايندڙ امڪاني ??بد??لين موجب پاڻ کي انهن موجب بڻائڻ ۽ هڪ مضبوط معاشرو بڻائڻ جي ضرورت آه?? جيڪو ماحول ۾ ٿيندڙ ??بد??لين کي اختيار ڪرڻ ۽ موسمياتي ??بد??لين ۽ گلوبل وارمنگ جي ڪري قدرتي آفتن سان ڪاميابي سان نڪرڻ جي قابل هجي. صدر چيو ته بحرانن ۽ مسئلن کي م??هن ڏيڻ جا مختلف مرحلا هوندا آهن جن جي شروعات اڳ ۾ مسئلي کي سڃاڻڻ، هڪ بيس لائين ٺاهڻ، ماض?? جي تجربن تي غور ڪرڻ ۽ ملڪ جي اندر ۽ سڄي دنيا ۾ سٺن طريقن کي بينچ مارڪ ڪرڻ سان ٿئي ٿو. هن چيو ته اسان کي پنهنجي هدفن، اهم ڪارردگ?? جي اشارن ۽ هڪ ٽائيم لائين جو تعين ڪري پنهنجي ذهن ۽ وسيلن کي م??رر هدف ۾ لڳائڻ گهرجي. صدر چيو ته موسمياتي ??بد??لين کي م??هن ڏيڻ جي لاءِ گلوبل وارمنگ کي محدود ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسان کي رويي ۾ ??بد??لي ۽ ٽائيم لائين جي لاءِ مڪمل عزم جي ضرورت آه?? جيڪو في الحال دنيا ڪرڻ جي لاءِ تيار نه آهي. صدر چيو ته دنيا وڌيڪ پيداوار وارن ٻجن، پاڻي کي محفوظ ڪرڻ جي انتهائي م??ثر ٽيڪنيڪ، مائيڪرو نيوٽرينٽس فراهم ڪرڻ جي لاءِ مصنوعتي ذهانت جي استع??ال جي ذريعي خوراڪ جي فراهم?? جي دور ۾ داخل ٿي چڪي آهي، جنهن سان پاڪستان ۾ به وڏي م??دار ۾ خوراڪ پيدا ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي. هن چيو ته ان سان بک تي آساني سان ضابطو آڻي سگهجي ٿو. صدر چيو ته پاڪستان ڪورونا جي وبا دوران بار بار هٿ ڌوئڻ، سماجي دوري ۽ ٻيون پابنديون ڪرڻ جا پيغام ڏئي علائقائي م??ڪن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ بهتر ۽ سائنسي انداز ۾ وبائي مرض تي ضابطو آڻڻ ۾ ڪامياب رهيا. هن چيو ته وبائي مرض مستقبل ۾ ڪثرت سان پکڙجڻ وارا آهن.