اسلام آباد– 25 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته صدر رجب طيب اردوان جي قيادت ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه جا لاڳاپا اسٽريٽجڪ حصيداري جي نئين دور ۾ داخل ٿي ويا آهن. ترڪيه جي دوري تي روانگي جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته آئُون ترڪ صدر رجب طيب اردوان جي دعوت تي ترڪيه جي ٻن ڏينهن جي دوري تي روانو ٿي رهيو آهيان. وزيراعظم چيو ته پاڪ بحريه جي لاءِ ٽئين ملجم ڪ??رو??ٽ جهاز جو افتتاح ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ گهري دفاعي لاڳاپن جو مظهر آهي. وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطح جا رابطا ا??ان جي حصيداري جي عڪاسي ڪن ٿا. هن ترڪ عوام جي گرمجوشي جو ذڪر ڪندي چيو ته ترڪيه ۾ هجڻ ائين آهي جيئن ا??ان پنهنجي گهر ۾ هُجُون. وزيراعظم چيو ته صدر اردوان جي قيادت ۾ ترڪيه ??ان پاڪستان ??ان لاڳاپا اسٽريٽجڪ حصيداري جي نئين دور ۾ داخل ٿيا آهن ۽ ا??ان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سمورن شعبن ۾ لاڳاپن کي فروغ ??يڻ جا خواهشمند آهيون.