اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس آزاد ڄمون ۽ ڪشمير شاخ جي اهتمام هيٺ ڪاري ڏينهن جي موقعي تي اسلام آباد، مظفرآباد ۽ پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير جي ٻين شهرن ۾ ڀارت جي خلاف ڀرپور مظاهرا ڪيا ويا. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس آزاد ڄمون ۽ ڪشمير شاخ جي اڳواڻن شيخ عبدالمتين، سيد يوسف ??سيم، مشتاق احمد بٽ، زاهد اشرف، گلشن اقبال، مشتاق الاسلام، شهزاد واني، انجنيئر محمود مشتاق ۽ دائود يوسف زئي ڪراچي، ڪوئيٽا، پشاور، لاهور، مظفرآباد، ميرپور ۽ ڪوٽلي ۾ احتجاجي مظاهرن دوران چيو ته ڀارت ??الاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ بدترين ري??ست?? دهشتگردي ڪري رهيو آهي. هن چيو ته عل??ئقي ۾ وڌندڙ رتوڇاڻ ڀارتي فورسز کي ڏنل بي لغام اختيارن جو نتيجو آهي. سندس چوڻ هو ته ڀارت ??الاريل عل??ئقي ۾ آبادي جو تناسب تبديل ڪري اتان جي مسلمان اڪثريت کي اقليت ۾ بدلا??ڻ چاهي ٿو. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس آزاد ڄمون ۽ ڪشمير شاخ جي اڳواڻن ڀارتي فوجين جي هٿان ڪشميري نوجوانن جي عدالت کان مٿانهون قتل تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ڀارت ??الاريل عل??ئقي ۾ نسل ڪشي ڪري رهيو آهي. هن عالمي برادري کي اپيل ڪئي ته اها والاريل عل??ئقي مان ڀارتي فوجين جي انخلا، سمورن ڪارن قانونن کي ملتوي ڪرڻ ۽ سمورن بيگناهه ڪشميري نظربند ٿيلن جي آزادي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.