اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان جي ترقي لاءِ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي تعليم لازمي آهي، ٻار ملڪ جو مستقبل آهن ۽ نئين نسل جي تعمير ۽ تربيت ئي ملڪي ترقي جا ضامن آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ غيرسرڪاري تنظيم ليفٽ ويلفيئر فائونڊيسشن جي اهتمام هيٺ اسڪولن کان ٻ??هر ٻارن جي حوصلا افزائي جي لاءِ ٿيندڙ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته غيررسمي تعليم کي عام ڪرڻ جي ضرورت آهي. اڄ جي تقريب ۾ شرڪت منهنجي لاءِ خوشي جو س??ب آهي. ٻارن کي هتي کلندي ڏسي دلي سڪون ۽ خوشي محسوس ٿي رهي آهي. خاتون اول چيو ته اسان تعليم جي سڀ کان وڏي بحران مان گذري رهيا آهيون. اسڪول کان ٻ??هر ٻارن جي ضرورتن کي تسليم ڪندي انهن جي حوصلا افزائي جي لاءِ هتي موجود آهيون ۽ انهن ٻ??رن کي هتي ڏسي ان ڳالهه جو به اطمينان ??يو ته اسان جا اهي ٻار ملڪ جو مستقبل روشن ڪرڻ جي اهليت رکن ٿا. هن اميد ظاهر ڪئي ته اهي ٻار ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. بيگم ثمينه عارف چيو ته يونيسيف جي رپورٽ موجب پاڪستان ۾ هن وقت 5 سالن کان وٺي 16 سالن تائين جي عمر جي 22.8 ملين ٻ??ر اسڪول کان ٻ??هر آهن، جيڪو ڳڻتي جو س??ب آهي. اسان کي پنهنجي محدود وسيلن سان انهن کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪرڻ گهرجي. خاتون اول چيو ته ملڪ ۾ تعليم خاص طور تي اسڪولن کان ٻ??هر ٻارن ۽ ٻارڙين جي تعليم تي ڀرپور ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. هر ٻار ۽ ٻارڙي کي تعليم يافته هجڻ گهرجي. هن چيو ته ڇوڪرين جي تعليم کي ترجيح ڏيڻ گهرجي. اسڪولن کان ٻ??هر ٻارن کي پڙهائڻ جو نظريو تمام سٺو آهي. بيگم ثمينه عارف علوي چيو ته انسانيت جي خدمت هڪ سٺو ڪم آهي، ٻار ملڪ جو مستقبل آهن، ملڪ جي ترقي جو دارومدار انهن تي ئ?? آهي. اسڪولن کان ٻ??هر ٻار معاشري ۾ اهم ۽ فعال ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. تعليمي شعبي ۾ پنهنجي خدمتن جو ذڪر ڪندي خاتون اول چيو ته هن ٻ??رڙين جي تعليم جي سدائين حوصلا افزائي ڪئي آهي. گادي واري شهر سميت سڄي ملڪ ۾ ناخواندگي جي شرح کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته اسان وٽ قدرن جي گهٽتائي ٿي وئي آهي، ٻارن کي منشيات کان بچائڻ به لازمي آهي. هن ليفٽ ويلفيئر فائونڊيشن کي خاطري ڪرائي ته انهن اسڪولن ٻ??هر ٻارن جي تعليم لاءِ معاونت ڪئي وڃي. تقريب کي ليفٽ ويلفيئر فائونڊيشن جي صدر عروج ملڪ، چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر عاصمه ملڪ ۽ عظميٰ توفيق به خطاب ڪيو. تقريب جي آخر ۾ خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي اسڪولن کان ٻ??هر ٻارن جي تعليم ۽ تربيت جي لاءِ فعال ڪردار ادا ڪرڻ تي مختلف شخصيتون ۽ تعليم پرائيندڙ ٻارن ۾ شيلڊز ۽ سرٽيفڪيٽس ورهايا.