اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايشيا ۾ رابطن ۽ اعتمادسازي جي قدمن (سيڪا) بابت ڪانفرنس جي ٻن ڏينهن واري ڇهين سربراهه اج??اس ۾ شرڪت ??ندو، وزيراعظم 13 آڪٽوبر تي ڪانفرنس جي افتتاحي اج??اس کي اهم خطاب ڪندو. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف قزاخستان جي گادي واري شهر آستانه ۾ ”ايشيا رابطن ۽ اعتمادسازي جي قدمن“ (سيڪا) بابت ڪانفرنس جي ٻن ڏينهن واري (12 ۽ 13 آڪٽوبر) تي ٿيندڙ ڇهين سربراهه اج??اس ۾ شرڪت ??ندو. ڪابينا ميمبر ۽ اعليٰ عملدار پڻ ساڻس گڏ هوندا. وزيراعظم 13 آڪٽوبر تي ڪانفرنس جي افتتاحي اج??اس کي اهم خطاب ڪندو. هو پنهنجي خطاب ۾ ايشيائي م??ڪن کي درپيش گڏيل چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه، ٺاهن ۽ تعاون جي ف??وغ جي لاءِ سيڪا جي منفرد فورم طور اهميت اجاگر ڪندو. وزيراعظم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پاڪستان جو موقف پڻ اجاگر ڪندو. سربراهه اج??اس جي موقعي تي وزيراعظم سيڪا جي ميمبر م??ڪن سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو جن جو مقصد خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي جي شعبن ۾ وسيع تعاون کي ف??وغ ڏيڻ آهي. سيڪا سڄي ايشيا جي 27 م??ڪن تي ٻڌل بين الحڪومتي فورم آهي جيڪو 1992ع ۾ قائم ڪيو ويو. ان ۾ ننڍي کنڊ ايشيا ۾ امن، سلامتي ۽ سماجي ۽ معاشي ترقي جي ف??وغ تي ڌيان ڏنو وڃي ٿو. سيڪا ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون جي ذريعي علائقائي استحڪام ۽ خوشحالي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ قابل قدر فورم آهي. هي فورم وڏن شعبن ۾ اعتمادسازي جي قدمن کي ف??وغ ڏي ٿو جنهن ۾ معاشي رخ، ماحولياتي رخ، انساني رخ، نئين چئلينجز ۽ خطرن ۽ فوجي ۽ سياسي رخ شامل آهن. سيڪا جي منشور ۽ هدفن جي ڏس ۾ وزيراعظم جي سربراهه اج??اس ۾ شرڪت مان اهو واضح ٿئي ٿو ته پاڪستان ايشيا ۾ رابطن ۽ معاشي تعاون جي ف??وغ کي انتهائي اهميت ڏي ٿو.