اسلام آباد -04 آڪٽوبر (اي پي پي) اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير سردار اياز صادق چيو آهي، ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيل تباهي موسمياتي تبديلين جي حوالي سان دنيا لاءِ مثال آهي، پاڪستان کي هن وقت عالمي امداد جي ضرورت آهي، جيترو وڌيڪ ۽ جلدي پاڪستان جي معاونت ٿيندي ان ئي رفتار سان اسان وڌيڪ انساني حياتيون بچائڻ جي قابل ٿي سگهنداسين. جنيوا ۾ گڏيل قومن ۽ پاڪستان جي گڏيل نظرثاني ٿيل فليش اپيل جي تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چ??و ته اسان کي سمجهڻ گهرجي ته پاڪستان ۾ هاڻوڪي ??رس??ت سبب جيڪا تباهي ٿي آهي ??ها دنيا لاءِ هڪ مثال آهي. موسمياتي تبديلين جي تمام وڏي قيمت پاڪستان کي ادا ڪرڻي پئي جڏهن ته ماحول کي نقصان پهچائيندڙ گئسن جي نيڪال ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي، جڏهن ته انهن تبديلين سبب متاثر ٿيل ملڪن جي فهرست ۾ پاڪستان شامل آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ماحولياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي فنڊ ۾ پاڪستان کي ان جو حصو ڏنو وڃي. سردار اياز صادق چ??و ته پاڪستان ۾ هن سال جون کان وٺي سيپٽمبر تائين لڳاتار ??رس??تون پيون ۽ ??ها هڪ غيرمعمولي صورتحال هئي. روائتي طور پاڪستان ۾ درياهن ۾ چاڙهه جي ڪري ٻوڏ ايندي رهندي آهي جڏهن ته هن ڀيري ??ها تباهي غيرمعمولي ??رس??تن جي صورت ۾ آسمان مان نازل ٿي، ڪجهه علائقن ۾ لڳاتار ??رس??ت پوندي رهي جنهن ڪري ملڪ ۾ رستن، ريلوي ٽريڪس ۽ بنيادي ڍانچي کي تمام گهڻو نقصان پهتو. هڪ اندازي مطابق جن علائقن ۾ 50 سيڪڙووڌيڪ ??رس??تون پوڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي هئي اتي 700 کان وٺي 1700 سيڪڙو تائين وڌيڪ ??رس??ت رڪارڊ ڪئي وئي. هن چ??و ته لڳاتار ??رس??تن جي ڪري انتظاميه هيليڪاپٽرن ذريعي به امداد نه پهچائي سگهي. هن وقت به ڪيترن ئي علائقن ۾ ٻوڏ جو پاڻي بيٺل آهي جيئن ئي پاڻي گهٽجندو انهن علائقن ۾ نئين سر تعمير ۽ بحالي جون سرگرميون شروع ٿين??يو??. وفاقي وزير چ??و ته نئين سر تعمير ۽ بحالي جو ڪم هڪ يا ٻن مهينن ۾ نه پر ان ۾ هڪ سال کان وڌيڪ عرصو لڳي سگهي ٿو. پاڪستان گڏيل قومن ۽ امداد ڏيندڙ ادارن نقصان جي شدت جو اندازو لڳايو آهي. پاڪستان کي اربين ڊالرن جو نقصان ٿيو آهي.