اسلام آ??اد -26 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ فضائيه سنڌ، بلوچستان، ڪي پي ڪي ۽ ڏکڻ پنجاب جي ٻوڏ متاثرن جي بحالي جو عمل جاري رکيو آهي. پاڪ فضائيه ٻوڏ متاثرن جي امداد لاءِ کين ٻن مهينن جو راشن ڏنو. ٻوڏ متاثر علائقن ۾ بحالي جو ڪم مڪمل ٿيڻ تائين ٻوڏ متاثرن کي پاڻڀرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. پاڪ فضائيه ج?? ترجمان مطابق پاڪ فضائيه ج?? فيلڊ ميڊيڪل ڪيمپن ?? ٻوڏ متاثرن کي مفت دوائون ۽ طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران پاڪ فضائيه ج?? ايمرجنسي ريسپانس ٽيمن ضرورتمند ڪٽنبن ۾ 16650 تيار کاڌي جا پ??ڪي??، 750 پاڻي جون بوتلون ۽ 777 خشڪ راشن جا ٿيلها ورهايا. ان کان علاوه پاڪ فضائيه ج?? ميڊيڪل ٽين 920 مريضن جو طبي معائنو ڪيو.