اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي امداد جي وصولي ۽ ورڇ جي لاءِ شفاف نظام قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي ته جيئن ٻوڏ سٽيل آبادي کي منصفاڻي، موثر ۽ تصديق جوڳي طريقي سان فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي. نوابشاهه ۽ دادو، سنڌ ۾ ٻوڏ متاث??ين جي ريليف ڪئمپ جي دوري دوران صحافين سان ڳالهائيندي صدر چيو ته شايد هي سڀ وڌيڪ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ آهي جنهن کي سنڌ منهن ڏنو ۽ ان جي نتيجي ۾ قيمتي جانين، چوپائي مال، ماڻهن جي روزگار جي ذريعن ۽ اهم انفراسٽرڪچر کي شديد ن??صان پهتو آهي. هن ٻوڏ جي پاڻي کي استعمال ۾ آڻڻ ۽ بنيادي ڍانچي جي تباهي، چوپائي مال ج?? نقصان کي روڪڻ جي لاءِ مناسب جاين تي ڊيمن ۽ پاڻي جي ذخيرن جي تعمير تي زور ڏنو. صدر چيو ته وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومتون، انهن جا ادارا، عالمي برادري، اين جي اوز ۽ پاڪستان ۾ سرندي وارا ماڻهو ترجيحي بنيادن تي ٻوڏ کان متاثر ماڻهن کي ريسڪيو ۽ ريليف جون خدمتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ بهت??ين ڪم ڪري رهيا آهن، بي آءِ ايس پي پروگرام ذريعي ٻوڏ متاث??ين جي مالي مدد ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ٻوڏ کان متاثر علاقا ايترا وڏا آهن ۽ ٻوڏ سٽيلن جو انگ ايترو وڌيڪ آ??ي جو ٻوڏ متاث??ين کي گلوبل وارمنگ جي ڪري وڏي پئماني ي ٿيندڙ تباهي کان بچائڻ جي لاءِ امدادي سرگرميون ڊگهي عرصي تائين جاري رکڻيون پونديون. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان جي معيشت جيڪا اڳ ۾ ڪوويڊ 19 بابت لاڪ ڊائون جو شڪار ٿي، بعد ۾ روس – يوڪ??ين جنگ جي نتيجي ۾ سپلائي چين ۾ خلل ۽ هاڻي ٻوڏ جي صورت ۾ هڪ تمام وڏي قدرتي آفت سان شديد متاثر ٿي آهي. هن چيو ته ٻوڏ گلوبل وارمنگ ۽ موسمياتي تبديلين جي ڪري آئي آهي ۽ گلوبل وارمنگ کي وڌائڻ ۾ پاڪستان جو حصو تمام گهٽ آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ترقي يافته دنيا گلوبل وارمنگ ۽ موسمياتي تبديلين ۾ وڏي حصيدار هجڻ جي ناطي ٻوڏ کان متاث??ين کي ريسڪيو ۽ ريليف فراهم ڪرڻ ۾ پاڪستان جي مدد ڪري ۽ ٻوڏ سٽيلن جي بحالي ۽ تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي نئين سر تعمير ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. صدر معاشري جي صاحب حيثيت ماڻهن کي به اپيل ڪئي ته اهي اڳتي اچن ۽ پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن خاص طور تي عورتن ۽ ٻ??رن جي مدد ڪن جيڪي پنهنجي ڇت ۽ روزگار جي ذريعي کان محروم ٿي چڪا آهن ۽ انهن مشڪل حالتن ۾ انهن کي مدد جي سخت ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ آبادگار دوست فصل جي انشورنس سسٽم کي متعارف ڪرائڻ جي ضرورت آهي ته جيئن آبادگ??رن کي فصل ج?? نقصانن ۽ آفت سان فصل جي تباهي کان بچائي سگهجي. صدر ان موقعي تي پنجاب حڪومت جي تعاون سان نوابشاهه ۽ دادو جي لاءِ 5، 5 ڪروڙ جي مالي امداد جو پڻ اعلان ڪيو. هن ريليف ڪئمپن جي مختلف حصن جو دورو ڪيو ۽ ٻوڏ متاث??ين کان انهن کي ڏني ويندڙ امداد بابت معلوم ڪيو. مقامي انتظاميا صدر کي علائقي ۾ ٻوڏ جي تباهين بابت بريف ڪيو. صدر نوابشاهه، دادو ۽ ڀرپاسي و??رن علائقن جي ٻوڏ کان متاثر علائقن جو فضائي جائزو پڻ ورتو. هن بيٺل ٻوڏ واري پاڻي ۽ پاڻي هيٺ فصل، گهرن ۽ انفراسٽرڪچر جي صورتحال تي پنهنجي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ٻوڏ واري پاڻي کي ڪڍڻ جي لاءِ مختلف کاتن جي وچ ۾ تمام گهڻي محنت ۽ هم آهنگي جي ضرورت هوندي جيڪا ان کانپوءِ حڪومت کي انهن علائقن ۾ بحالي جو مرحلو شروع ڪرڻ جي قابل بڻائيندي. هن لاڳاپيل عملد??رن کي چيو ته اهي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ خصوصي طور تي عورتن، بزرگن ۽ ٻ??رن جي حفاظت ۽ ڀلائي کي يقيني بڻائين.