اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير ب??او?? ڀٽو زرداري کي سريلنڪا جي پرڏيهي وزير ايم يو ايم علي صابري ٽيليفون ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ??رج??ان پاران جاري بيان موجب سريلنڪا جي پرڏيهي وزير پاڪستان ۾ تباهي آڻ??ند?? ٻو?? سان ٿ??ند?? وڏي پئماني تي ٿ??ند?? تباهي ۽ جاني نقصان تي تعزيت جو اظهار ڪيو. هن سريلنڪا جي حڪومت پاران پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام سان همدردي جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير ب??او?? ڀٽو زرداري هن مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي حمايت جي اظهار تي سريلنڪن پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيا. هن پنهنجي سريلنڪن هم منصب کي هن سال پاڪستان ۾ ٿ??ند?? غيرمعمولي برساتن بابت ٻڌايو جنهن جي نتيجي ۾ ٻو?? ۽ لينڊ سلائيڊنگ ٿي. پرڏيهي وزير چيو ته ٻو?? سان تمام گهڻي تباهي ٿي آهي ۽ ان سان انساني جانين، چوپائي مال، فصلن ۽ انفراسٽرڪچر کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي. پرڏيهي وزير سريلنڪا جي پرڏيهي وزير کي قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي فوري ۽ وسيع ردعمل کان آگاهه ڪيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته بحالي ۽ نئين سر تعمير جي مرحلي جي لاءِ وسيع البنياد عالمي تعاون لازمي هوندو. پرڏيهي وزير ب??او?? ڀٽو زرداري ان اميد جو اظهار ڪيو ته پاڪستان جي ٻو?? کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي فليش اپيل جو ڀرپور جواب ملندو جنهن سان شديد متاثر ٿ??ند??ن جي مشڪلاتن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن گڏيل دلچسپي جي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم کي ورجايو.