اسلام آباد -14 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۾ آمريڪي سفير ڊو??لڊ بلوم آمريڪي حڪومت ۽ عوام طرفان يوم آزادي جي ڊائمنڊ جوبلي تي پاڪستان حڪومت ۽ عوام کي مبارڪون ڏنيون آهن. پنهنجي ويڊيو پيغام ۾ آمريڪي سفير چيو ته انهن 75 سالن ۾ ٻنهي ملڪن پائيدار شراڪتداري ۽ پنهنجي ماڻهن وچ ۾ مضبوط رشتا ٺاهيا آهن. هن چيو ته اسان کي ان ڳالهه تي فخر آهي ته ڪهڙي طرح ان رشتي واپاري لاڳاپن کي مضبوط ڪيو آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي ماڻهن جي معاشي ترقي لاءِ آمريڪا بد??تور پاڪستان جي سڀ کان وڏي برآمدي منزل آهي ۽ گذريل مالي سال ۾ آمريڪا جي پاڪستان ۾ ??ڌي ريت پرڏيهي س??ڙپ??اري ۾ 50 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.