ح??در??باد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) سڄي ملڪ وانگر ح??در??باد ۾ به ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار جي سلسلي ۾ استحصال ڏهاڙو ملهايو ويو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ح??در??باد فواد غفار سومرو ۽ ايڊيشنل ڪمشنر ون ح??در??باد فرخ شهزاد جي قيادت ۾ شهباز بلڊنگ ح??در??باد کان هڪ واڪ جو اهتمام ڪيو ويو جيڪا ٿڌي سڙڪ کان ٿيندي پوسٽ ماسٽر جنرل جي آفيس تي پڄاڻي تي پهتي. واڪ جي پڄاڻي تي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر ح??در??باد فواد غفار سومرو چيو ته گڏيل قومن جي قراردادن ??وجب ڪشميري مسلمانن کي انهن جي خودمختياري جو حق ڏنو وڃي جڏهن ته ڀارت پنهنجي طاقت ذريعي ڪشميري ڀائرن تي ظلمن جو سلسلو بند ڪري، دنيا ۾ ڀارت جو مڪروهه چهرو بي نقاب ٿي چڪو آهي ته هو هڪ ظالم ۽ جابر ملڪ آهي جيڪو بيگناهه ڪشميري ڀائرن تي ظلم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستن جو هر شخص آخري دم تائين ڀارت جي اهڙي نا??وا سلوڪ جي خلاف پنهنجو آواز بلند ڪندو رهندو. ڊپٽي ڪمشنر ح??در??باد فواد غفار سومرو وڌيڪ چيو ته ڪشمير پاڪستان جو حصو آهي ۽ اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن ڪشميرين کي ڀارت جي ظلمن مان ڇوٽڪارو ملندو، اسان بحيثيت پاڪستاني پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ آهيون. واڪ ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ح??در??باد قائم اڪبر نمائي، اسسٽنٽ ڪمشنر هيڊڪوارٽر ڪمشنر آفيس سجاد کهڙو، ايڊيشنل ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر محبوب الزمان، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر رضا محمد ميمڻ، وفاقي ۽ صوبائي کاتن جي آفيسرن کانسواءِ سماجي تنظيمن ڀائي خان ويلفيئر ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري محمد ياسين آرائين، يوٿ ويلفيئر سوسائٽي جي باني ۽ جنرل سيڪريٽري سيد فهيم الدين شاهه، مرڪزي صدر لالا علي بخش پٺاڻ کانسواءِ ٻين سماجي تنظيمن جي عهديدارن، مختلف اسڪولن جي شاگردن، اسڪائوٽس، استادن ۽ عوام جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.