اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف جاپان سان پاڪستان جي پراڻن لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏيندي ان قابل قدر حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم کي ورجايو آهي جڏهن ته هن چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن، سلامتي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي پرامن حل جي ضرورت آهي. ??زي??اعظم هائوس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??زي??اعظم سان جاپان جي پرڏيهي معاملن واري نائب پارلياماني ??زي?? هونڊا تارو ڪالهه اربع ڏينهن ملاقات ڪئي. ان موقعي تي دوستاڻن ۽ تع??ون تي ??ڌل ٻطرفن لاڳاپن کي اجاگر ڪندي ??زي??اعظم پاڪستان ۾ انفراسٽرڪچر ۽ سماجي ۽ اقصادي ترقي جي لاءِ جاپان حڪومت پاران فراهم ڪئي ويندڙ معاونت کي ساراهيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته واپار، سيڙپڪاري، آءِ ٽي، قابل تجديد توانائي ۽ بين لاڳاپيل شعبن ۾ ٻطرفي تع??ون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ گهرجي. گذريل ڪيترن ئي سالن ۾ جاپاني ادارن پاران پاڪستان ۾ سيڙپڪاري کي ساراهيندي ??زي??اعظم خاطري ڪرائي ته حڪومت اهڙي قسم جي سيڙپڪاري کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندي. ??زي??اعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي وفدن جي مٽاسٽا جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. پرڏيهي معاملن واري پارلياماني نائب ??زي?? پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان تي همدردي ۽ تع??يت جو اظهار ڪيو. پاڪستان سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ جاپان جي عزم کي ورجائيندي هن پاڪستان جاپان تع??ون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي لاءِ ذاتي ڪوششن تي ??زي??اعظم جا ٿورا مڃيا. هن واپار، سيڙپڪاري ۽ سماجي اقتصادي ترقي جي حوالي سان پاڪستان سان جاپان جي مسلسل تع??ون جي عزم کان آگاهه ڪيو. ??زي?? هونڊا تارو ??زي??اعظم کي پاڪستان ۾ جاپان جي امدادي اداري جائيڪا جي خاص طور تي صحت، پاڻي، صفائي سٿرائي ۽ قدرتي آفتن کان ڇوٽڪاري جي شعبن ۾ تع??ون بابت پڻ آگاهه ڪيو. ??زي??اعظم غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي سنگين صورتحال تي روشني وجهندي ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن، سلامتي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي پرامن حل جي ضرورت تي زور ڏنو.