اسلام آباد – 19 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان ۾ صحت جي شعبي جي بهتري لاءِ هڪ ٻيو وڏو قدم کڻندي سڄي ملڪ ۾ سي ??ي آر ٽريننگ منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ايمرجنسي حالتن ۾ حياتي بچائيندڙ عالمي معيار جي سي ??ي آر تربيت لکين ز??دگ??ون بچائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ۾ اسٽريٽجڪ ريفارمز جي سربراهه سلمان صوفي ٻڌايو ته وزيراعظم شهباز شريف ان حوالي سان اسٽريٽجڪ ريفارمز جي سربراهه کي فوري قدمن جي هدايت ڪندي چيو ته حياتي بچائيندڙ سي ??ي آر ٽريننگ کي اسڪولن جي نصاب ۾ شامل ڪيو ويندو. سلمان صوفي ??يو ته ان کانسواءِ هر شهر کي سي ??ي آر جي تربيت ڏيڻ به مهم جو حصو هوندو، ايندڙ هفتي ان ملڪ گير مهم جي حوالي سان مڪمل حڪمت عملي جو اعلان ڪيو ويندو. سلمان صوفي ??يو ته وزيراعظم شهباز شريف صحت جي شعبي ۾ ميرٽ جي بالادستي، عالمي معيار جي تعليم ۽ پنجاب صوبي ۾ اسپتالون قائم ڪرڻ کي يقيني بڻايو. وزيراعظم وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ قومي سطح تي صحت جي شعبي ۾ سڌارن جو پروگرام شروع ??رڻ وڃي رهيو آهي. ملڪ گير حياتي بچائيندڙ سي ??ي آر جي تربيت جي مهم ان سلسلي جي پهرين ڪڙيءَ آهي.