ڪراچي – 20 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جهاز سازي، انجنيئرنگ، سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ ۽ ٽرانسپورٽ سميت سمورن شعبن ۾ پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ تعاون کي ساراهيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف سان ترڪيءَ جي قومي دفاع واري وزير بلوسي اڪار ??فد جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم سمورن عالمي فورمن تي ڪشمير مسئلي تي پاڪستاني موقف جي حمايت تي ترڪيءَ جي حڪومت ۽ ع??ام جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ترڪيءَ جي مهارت ۽ تجربي م??ن هر ممڪن فائدو کنيو وڃي. هن ترڪيءَ جي حڪومت ۽ ع??ام جوا سچي دل سان ٿورا مڃيا ته انهن پاڪستان ۾ ڪراچي شپ يارڊ جهڙن مضبوط ادارن جي ترقي ۾ م??د ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو جيڪو ترڪيءَ جي حمايت جي ڪري ڪيترن ئي سالن ۾ منافعو ڪمائيندڙ اداري ۾ تبديل ٿي چڪو آهي. دفاعي پي??اوار ??ارو وفاقي وزر اسرار ترين، پاڻي وسيلن وارو وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه، چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل امجد خان نيازي، وزيراعظم جو اسٽريٽجڪ اينڊ پوليٽيڪل ڪميونيڪشن بابت خاص معاون سيد فهد حسين ۽ ٻيا لاڳاپيل سينيئر آفيسر پڻ ان موقعي تي موجود هئا.