اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۽ نائجيريا گڏيل فائد?? جي لاءِ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي ??و?? ڏيندي دفاع ۽ دهشتگرد?? جي خاتم?? جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي خواهش کي ورجايو آهي. اها ڳالهه ايوان صدر ۾ نائجيرين هٿياربند فوج جي چيف آف ڊفينس اسٽاف جنرل لڪي ايلونوئي اونينيوچيا ايرا بور ۽ صدر ڊاڪٽر عارف علو?? جي وچ ۾ ملاقات دوران ٿي. نائجيريا جي وفد جي آجيان ڪندي صدر چيو ت?? پاڪستان نائجيريا سان پن??نجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ نائجيريا سان بامعنيٰ دفاعي لاڳاپن جو خواهشمند اهي. هن عالمي دفاعي نمائش ۽ سيمينار ۾ نائجيريا جي هٿياربند فوج جي نمائندن جي شرڪت کي ساراهيو. صدر ڀارتي ??يرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين تي پڻ روشني وڌي ۽ چيو ته جنگجو پاڙيسري ملڪ مسلمانن جي نسل ڪشي ۾ ملوث آهي. هن ٻڌايو ت?? پاڪستان کي دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جو زبردست تجربو آهي ۽ هن ملڪ ۾ دهشتگرد عنصرن کي ڪاميابي سان شڪست ڏني. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي ??ور ڏنو. جنرل لڪي ايلونوئي اونينياچيا ايرابور ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي ??ي ٻنڌڻ کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي ??ور ڏنو. هن صدر کا نائجيريا جي صدر پاران نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن شاندار استقبال ۽ مهمان نوازي ڪرڻ تي پاڪستان حڪومت جا ٿورا پڻ مڃيا.