اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهب??ز شريف جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهب??ز شريف وزيراعظم هائوس اچڻ تي مولانا فضل الرحمان جي شاندار آجيان ڪئي. مولانا فضل الرحمان شهب??ز شريف کي وزارت عظ??يٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته توهان جي قيادت ۾ گڏيل دانش ۽ ڪوشش ملڪ ۽ ق??م کي مشڪل مان ڪڍيو آهي. وزيراعظم شهب??ز شريف مولانا فضل الرحمان کي خراج تحسين پيش ڪيو. مولانا فضل الرحمان وزيراعظم شهب??ز شريف جي عوامي خدمت ۽ مسئلن جي حل جي جذبي کي ساراهيندي چيو ته توهان ايندي ئي ق??م کي ڏيکاري ڇڏيو آهي ته ان جو خادم ڪيئن ڪم ڪندو آهي. هن وزيراعظم کي يقيني ڏياريو ته ملڪ ۽ قوم جي ڀلائي لاءِ اسان جو ڀرپور تعاون ۽ مدد توهان سان گڏ آهي ۽ رهندي. ٻنهي اڳواڻن اهم سياسي معاملن ۽ ڪابينا ج?? جوڙجڪ بابت معاملن تي مشاورت پڻ ڪئي.