اسلام آباد – 27 8211; مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته عم??ان خان کي تخت ۽ ت??ج جي ڪا پرواهه نه آهي، عم??ان خان مسلمان امت جي ضرورت بڻجي بيٺل آهي، عم??ان خان تائين پهچڻ جي لاءِ 20 ڪروڙ عوام مان گذري اچڻو پوندو، پـٺيءَ ۾ ڇرو گهونپڻ وارا اسلام آباد ۾ لڪي ويٺل آهن، پنهنجي تڪن ۾ وڃي ڏسن هر منٽ ۾ انهن کي سئو جوتا پوندا. پريڊ گرائون?? ا??لام آباد ۾ امر بالمعروف جلسي کي خطاب ڪند?? ا??لاعات واري وفاقي وزير جلسي ۾ موجود پاڪستان تحريڪ انصاف جي لکين ڪارڪنن کي سلام پيش ڪندي چيو ته عوام ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته اسلام آباد جو اقتدار ڪنهن سازش سان نه عوام مان ٿي گذرندو. هن چيو ته مون چيو هو ته 10 لک ماڻهن جو ميڙ هوندو ۽ سازشين کي ان مان گذري وڃڻو پوندو، اڄ ٻڌائي رهيو آهيان ته انهن ماڻهن کي 20 ڪروڙ عوام مان گذري عم??ان خان تائين پهچڻو پوندو. هن چيو ته عم??ان خان کي تخت ۽ ت??ج جي ڪا پرواهه نه آهي، عم??ان خان مسلمان امت جي ضرورت بڻجي بيٺل آهي، عم??ان خان پاڪستان ۽ ان جي عوام جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف کي ايواني سازشن سان ڪا دلچسپي نه آهي، اسان عوام مان آهيون ۽ عوام ۾ ئي رهنداسين، اسان کي اقتدار به عوام ڏنو آهي ۽ اسان اقتدار عوام جي سر تي رکنداسين، عم??ان خان کي تخت ۽ ت??ج جي ڪا لالچ نه آهي، اقتدار ۾ اچڻ وڃڻ سان ان کي ڪو فرق نه ٿو پوي، فرق پوندو ته اهو مون کي ۽ عوام کي پوندو. چوڌري فواد حسين چيو ته پٺيءَ ۾ ڇرو گهونپڻ وارا اسلام آباد ۾ لڪي ويٺل آهن، پنهنجي تڪن ۾ وڃي ڏسن هر منٽ ۾ انهن کي سئو جوتا پوندا. هن چيو ته عم??ان خان غربت جو درد رکندڙ ليڊر آهي، عم??ان خان اقتدار نه قدرن جي سياست ڪري ٿو، عوام وزيراعظم عم??ان خان ج?? ا??اري جي منتظر آهي.