اسلام آباد – پهرين فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته معاشري ۾ مثبت تبديلي جي ??اءِ مولانا ظفر علي خان جي صحافتي ميرا?? تي عمل پيرا ٿيڻ جي ضرورت آهي. ايوان صدر جي ??ريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظها?? هن مولانا ظفر علي خان ٽرسٽ جي چيئرمين خالد محمود جي ??يادت ۾ وفد سان ملاقات دوران ڪيو. صدر چيو ته مولانا ظفر علي خان اردو ادب ۽ ذميواراڻي صحافت جي ??روغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ميڊيا کي ملڪ ۾ باوثوق ۽ غيرجانبدار صحافت جي ??روغ لاءِ مولانا جي ??ظرين تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته مولانا جي تعليم قوم جي تعمير ۽ فيڪ نيوز جي چئلينج تي ضابطو آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي مولانا ظفر علي خان کي هڪ رول ماڊل قرار ڏيندي چيو ته ميڊيا کي ان جي ??قش قدم تي هلڻ جي ضرورت آهي، ايندڙ نسلن کي صحافت، ادب، فنون ۽ تاريخ جي شعبن ۾ مولانا جي زندگي ۽ ڪارنامن کان روشناس ڪرائڻ گهرجي. وفد پاران صدر کي مولانا ظفر علي خان ميموريل ٽرسٽ جي ڪردار تي بريفنگ ڏني وئي. وفد مولانا جي صحافتي ۽ ادبي لکڻين کي محفوظ ۽ فروغ ڏيڻ جي حوالي سان ٽرسٽ جي خدمتن بابت آگاهه ڪيو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ٽرسٽ مولانا جي ??لسفي کي اڳتي وڌائڻ ۽ ان جي زندگي بابت تحقيقي سرگرمين ۾ سهولت فراهم ڪري رهيو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي مولانا ظفر علي خان مرحوم جي ادبي تخليقن جي تحفظ ۽ فروغ جي ??اءِ ٽرسٽ جي ڪوششن کي ساراهيو.