اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان قومي اسيمبلي جي ميمبر غوث بخش خان مهر ۽ سردار نصر الله خان دريشڪ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ من??وبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير اسد عمر ۽ خصوصي صلاحڪار ملڪ محمد عامر ڊوگر به موجود هئا. ملاقات ۾ لاڳاپيل تڪن جي سي??سي معاملن ۽ جاري ترقياتي من??وبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم عمران خان لاڳاپيل تڪن ۾ پارٽي کي سي??سي طور تي من??م ۽ فعال ڪرڻ جي هدايت ڪئي.