اسلام آباد – 23 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين تي زور ڏنو آهي ته هو پاڪستان ۾ سيڙپڪار?? ڪن جيڪو تيزي سان ايشيا جو سڀ کان وڏو سيڙپڪار ۽ واپاري مرڪز بڻجي ??ڀر?? رهيو آهي، پرڏيهي پاڪستانين جي فڪري ۽ ڪاروباري صلاحيتن مان فائدو کڻڻ لاءِ پاڪستان ۾ موجود صنعتن، اڪيڊيمين، ماهرن ۽ لاڳاپيل ادارن سان رابطا قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار آمريڪا ۾ رهندڙ سمنڊ پار پاڪستانين جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت ايسپائر پاڪستان جو صدر حسن سيد ڪري رهيو آهي، وفد سان ڳالهائيندي صدر چيو ته پاڪستان پنهنجي دستياب انساني وسيلن کي حاضر دور جي هنر ۽ جديد تعل??م فراهم ڪري انهن جي تربيت جو اهتمام ڪري رهيو آهي، هن چيو ته تعليمي معيار کي و??ائڻ سان گڏوگڏ يونيورسٽي پاس ڪندڙ ماڻهن جو تعداد وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي و??ي، هن وڌيڪ چيو ته معيشت جي ڊجيٽلائيزيشن جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن جنهن سان پاڪستان ۾ سڌو سنئون غير ملڪي سيڙپڪاري کي و??يڪ فروغ ملندو، صدر کي ٻڌايو ويو ته ايسپائر پاڪستان ٻاهرين ملڪ رهندڙ ڪاروباري ماڻه??، سيڙپڪارن ۽ ٽيڪنالاجي ماهرن جو هڪ نيٽ ورڪ آهي جنهن جو ويزن پاڪستان کي جدت ۽ انٽر پرينيورشپ جي ذريعي سماجي ۽ اقتصادي طور تي خوشحال بڻائڻ آهي، صدر پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ سمنڊ پار پاڪستانين جي ڪردار کي ساراهيو.