اسلام ??با?? – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) وقتي صدر محمد صادق سنجراڻي محسن پاڪستان ۽ ائٽمي سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ ميڊيا ونگ پاران جاري تعزيتي پيغام ۾ وقتي صدر چيو ته مرحو?? جي خدمتن کي سنهري لفظن ۾ لکيو ويندو ۽ ملڪي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائڻ لاءِ مرحوم سائنسدان عبدالقدير جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. هن چيو ته ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي خدمتن تي پوري قوم کي فخر آهي. ملڪ جي لاءِ ڊاڪٽر عبدالقدير جي اڻٿڪ خدمتن کي سدائين ساراهيو ويندو. پوري قوم سندس لاڏاڻي تي ڏکويل ??هي. وقتي صدر دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحو?? جي مغفرت ۽ درجا بلند فرمائي ۽ ڏکويل ??اندان کي اهو صدمو صبر ۽ حو??لي سان برداشت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. هن چيو ته مرحوم ائٽمي سائنسدان عبدالقدير جي جنازي نماز فيصل مسجد ۾ ادا ڪئي ويندي. جنازي نماز ۾ وقتي صدر محمد صادق سنجراڻي پڻ شرڪت ڪندو. سينيٽ جي دپٽي چيئرمين سينيٽر مرزا محمد آفريدي، سينيٽ ۾ قائد ايوان سينيٽر ڊاڪٽر شهزاد وسيم، مخالف ڌر اڳواڻ سينيٽر سيد يوسف رضا گيلاني پڻ ائٽمي سائنسدان عبدالقدير خان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي پنهنجي جدا جدا تعزيتي پيغامن ۾ الله تعاليٰ کان مرحو?? جي مغفرت ۽ درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي.