اسلام آباد – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي چيو آهي ته ڪا به قوم رڳو وسيلن جي بنياد تي ترقي نه ٿي ڪري سگهي، قومون ذهنن جي روشن خيالي ۽ علم ۽ شعور جي بنياد تي ترقي ڪنديون آهن، پا??ست??ن پنهنجي سائنسدانن جي ذهانت جي زور تي ائٽمي ملڪ جو درجو حاصل ڪيو، ڪارپوريٽ سيڪٽر کي دنيا ۾ برينڊ پا??ست??ن متعارف ڪرائڻ گهرجي، انساني حقن جو درس ڏيندڙ اولهه ملڪ بي گهر مظلوم پناهگيرن کي سمنڊ ۾ مرڻ جي لاءِ ڇڏي ڏين ٿا، پا??ست??ن واحد ملڪ آهي جنهن بي لوث انداز ۾ 40 لک افغان پناهگيرن کي ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين پناهه ڏني جڏهن ته پا??ست??ن ڪاميابي سان دهشتگردي جو مقابلو ڪيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مقامي هوٽل ۾ ليڊرز ان اسلام آباد سمٽ کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ??نساني تاريخ جي شروع ۾ ابلاغ انسانن جي وچ ۾ لاڳاپن جو بنياد بڻيو، انسانن جي اڪثر فيصلن جو بنياد به ابلاغ ۽ معلومات هوندو آهي، اسان جي ڀرپاسي ڪوڙين خبرن جي يلغار نظر اچي ٿي، نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي پا??ست??ن جي دوري جي ملتوي ٿيڻ ۾ ڪوڙي خبر بنياد بڻي. صدر چيو ته ??نسان ڪنهن نه ڪنهن جڳهه تي جانبداري جو مظاهرو ضرور ڪري ٿو، اسان اهو سمجهي رهيا هئاسين ته ??مريڪا ويٽنام جي جنگ مان سبق سکي چڪو هوندو. هن چيو ته ??يڊ ڪراس جي وفد اڄ مون سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ مون انهن سان ان خواهش جو اظهار ڪيو ته ??نيا ۾ جيڪا ڪيفيت پيدا ٿي آهي ان مان ماڻهن کي ڪڍيو وآڃي. صدر چيو ته چنگيز ۽ هلاڪو خان جي دور ۾ ايترا ماڻهو نه ماريا ويا جيترا 20 هين ۽ 21 هين صدي ۾ ماڻهو ماريا ويا آهن. هن چيو ته ??ندگي ۾ انسان سکي ٿو ۽ حالتون ان کي متاثر ڪن ٿيون، اسان کي پنهنجو پاڻ سان گڏوگڏ معاشري جو به خيال رکڻ گهرجي، انساني ذهن جي لاءِ هر شيءَ ۽ ڊيٽا جو تجزيو ڪرڻ ممڪن نه آهي، 70ع جي ڏهاڪي ۾ آئون خوش هئس ته ??نسان ترقي ڪري رهيو آهي ۽ آمريڪا ويٽنام مان نڪري رهيو آهي، 80ع جي ڏهاڪي ۾ اڳوڻي سوويت يونين افغانستان ۾ داخل ٿي ۽ 90ع جي ڏهاڪي ۾ آمريڪا وچ اوڀر ۽ عراق ۾ داخل ٿيو. صدر چيو ته ڪوڙ کي سچ ثابت ڪرڻ جي لاءِ فيڪ نيوز جو سهارو ورتو پيو وڃي، نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم جو پا??ست??ن جو دورو فيڪ نيوز جي ذريعي ملتوي ڪيو ويو. ڊاڪٽر عارف ع??وي چيو ته پا??ست??ن 40 لک کان وڌيڪ افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪئي آهي جڏهن ته ??حيره روم ۾ پناهگيرن کي ٻڏڻ ڏين ٿا ۽ نصيحت اسان کي ڪن ٿا. ڪورونا وبا دوران حڪومت ۽ عوام جي ڪردار جو ذڪر ڪندي هن چيو ته ڪورونا جي دوران اسان ڀرپور جذبي سان ڪم ڪيو جيڪو اسان جي طاقت بڻيو آهي، پا??ست??ن کي هڪ همدردي وارو ملڪ بڻجڻ گهرجي ۽ الله تعاليٰ ان جي لاءِ ماحول پيدا ڪيو آهي. صدر ڪشمير مسئلي جو ذڪر ڪندي چيو ته ??نيا ۾ ان کان وڏو ڪو مسئلو نه آهي پر ان طرف ڪو ڌيان نه پيو ڏنو وڃي. هن چيو ته ليگ آف نيشنز ۽ گڏيل قومن سميت عالمي ادارن کي هٿيارن کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ ٺاهيو ويو ه?? ۽ ??اڻي هٿيارن جي جڳهه ڪارپوريٽ ادارن وٺي ڇڏي آهي، عالمي پاليسي تي انهن جو اثر آهي. هن چيو ته ??نٽرنيشنل آرڊر جيڪو هٿيارن کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ ٺاهيو ويو هو اهو هاڻي بدلجي ويو آهي. صدر چيو ته ??سان کي پنهنجي زندگين سان گڏوگڏ ملڪ جي لاءِ پڻ سوچڻ گهرجي، دورانديش ۽ ديانتدار قيادت ملڪ، واپار ۽ سمورن شعبن جي ضرورت آهي ڇو ته ??وهان اڄ جي معاشري ۽ مستقبل جي لاءِ ذميوار آهيو. صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي چيو ته ملڪ ۾ آءِ ٽي ۽ ٻين شعبن ۾ ترقي ۽ ڪاميابي جا وسيع موقعا موجود آهن، اسان جي ڪارپوريٽ سيڪٽر کي دنيا ۾ برانڊ پا??ست??ن متعارف ڪرائڻ گهرجي پر اهو ضروري آهي ته ??وهان جي زبان تي دنيا کي ڀروسو هجڻ گهرجي. تقريب ۾ ڪارپوريٽ شعبي سان واڳيل نمايان شخصيتن ۽ نمائندن شرڪت ڪئي.